Book Name:Aulad ke 3 Huqooq Qist 03
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ اولاد جا 3 حق (قسط: ٽِين) جي متعلق ٻڌايو ويندو ۽ سُمهَڻ وقت پڙهڻ واري دعا ياد ڪرائي ويندي ۽ آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: منهنجي مٿان درود پاڪ پڙهڻ پُلصِراط تي نور آهي، جيڪو شخص جمعي جي ڏينهن مون تي 80 دفعا درود شريف پڙهندو ان جا 80 سالن جا گناهه معاف ڪيا ويندا. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اولاد جا 3 حق (قسط: ٽِين)
الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ اعْلَمُوْۤا اَنَّمَاۤ اَمْوَالُكُمْ وَ اَوْلَادُكُمْ فِتْنَةٌۙ- (پارو: 9، سورة انفال: 28)
ترجمو ڪنزالعرفان: ڄاڻي وٺو ته توهان جو مال ۽ توهان جو اولاد هڪ امتحان آهي.
فتنو يعني آزمائش، امتحان. آيت جو مفهوم آهي ته الله پاڪ توهان کي مال ۽ اولاد عطا ڪيو آهي، ان ۾ توهان جي لاءِ آزمائش آهي، يعني اهو ڏٺو ويندو ته
[1]...الترغیب فی فضائل الاعمال ،باب مختصر من الصلاۃ علی رسول اللہ صلی اللہ علیہ وسلم، صفحہ:14،حدیث:22۔