Musalman Ke 3 Huqooq

Book Name:Musalman Ke 3 Huqooq

سکڻ سيکارڻ جي حلقن جو جدول

(1) مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2) دعا ياد ڪرڻ: 5 منٽ (3) جائزو: 5 منٽ: ڪل دورانيو: 15 منٽ

اڄ سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ مسلمانن جا 3 حق، قسط ٽين سيکاري ويندي ۽ دعاءِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ياد ڪرائي ويندي، دعا ياد ڪرائڻ کان بعد نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!

دُرود شريف جي فضيلت

فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: قيامت جي ڏينهن ماڻهن مان سڀ کان وڌيڪ منهنجي ويجھو اهو هوندو جنهن دنيا ۾ مون تي وڌيڪ دُرود پاڪ پڙهيا هوندا۔ ([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مسلمانن جا 3 حق، قسط ٽين

آيتِ مبارڪه

الله پاڪ فرمايو:

وَ کَذٰلِکَ اَخْذُ رَبِّکَ اِذَاۤ اَخَذَ الْقُرٰی وَ ھِیَ ظَالِمَۃٌ ؕ اِنَّ اَخْذَہٗۤ اَلِیْمٌ شَدِیْدٌ (۱۰۲)

(پارہ:12،ھود:102)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ تنهنجي رب جي پڪڙ اهڙي ئي هوندي آهي جڏهن اهو ڳوٺن کي پڪڙيندو آهي جڏهن ته اهي ڳوٺ وارا ظالم هجن بيشڪ ان جي پڪڙ وڏي سخت دردناڪ آهي.


 

 



[1]....جمع الجوامع، جلد :1، صفحہ:320، حديث:2354۔