$header_html

Book Name:Musalman Ke 3 Huqooq

حق مارڻ ظلم چورائيندو آهي۔ ([1])  آيتِ ڪريمه ۾ قانونِ قدرت بيان ٿيو آهي ته جيڪو ظلم ڪري، الله پاڪ ان جي پڪڙ فرمائيندو آهي ۽ الله پاڪ جي پڪڙ ڏاڍي سخت ۽ دردناڪ آهي۔ ([2])

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

جنهن پنهنجي (مسلمان) ڀاءُ تي ظلم ڪيو هجي، مثال طور ان جي بي عزتي وغيره ڪئي هجي، اهو اڄ ئي حق حلال ڪرائي وٺي (يعني معافي تلافي ڪري وٺي)، ان کان اڳ جو اهو ڏينهن اچي، جڏهن درهم ۽ دينار نه هوندا، ان ڏينهن ظلم جو بدلو نيڪين مان ورتو ويندو، جيڪڏهن نيڪيون نه هونديون ته مظلوم جا گناهه ظالم (يعني حق مارڻ واري) جي مٿي تي وڌا ويندا۔ ([3])

مسلمانن جا 3 حق

حقن جي بروقت ادائيگي معاشري ۾ سونهن آڻيندي آهي، امير هجي يا غريب، ڪارو هجي يا اڇو، جيڪو مسلمان آهي، ان جا اسان تي ڪيترائي حق آهن، 5 حق اسان اڳ ۾ سکي چڪا آهيون، 3 اڄ سکنداسون۔ اچو ته اڳ ۾ سکيل حق دهرائي وٺون: (1) عِیَادَۃُ الْمَرِیْضِ مريض جي عيادت ڪرڻ (2) اِتِّبَاعُ الْجَنَائِزِ    نمازِ جنازه پڙهڻ (3) تَشْمِیْتُ الْعَاطِسِ نڇ جو جواب ڏيڻ (4) رَدُّ السَّلامِ سلام جو جواب ڏيڻ (5) اِجَابَۃُ الدَّعْوَۃِ دعوت قبول ڪرڻ۔

وڌيڪ 3 حق جيڪي اڄ سکڻا آهن اهي هي آهن:

پهريون حق: خيرخواهي ڪرڻ

وضاحت: خيرخواهي جو مطلب آهي: ڀلائي چاهڻ۔ فتاويٰ رضويه شريف ۾ آهي: هر مسلمان جي دل سان خيرخواهي هر مسلمان تي فرض آهي


 

 



[1]...مرآۃ المناجیح ،جلد:6،صفحہ:669،بتغیر قلیل ۔

[2]...تفسیر کبیر ،پارہ:12،سورۂ ھود،تحت الآیت :102،صفحہ:396،خلاصۃً۔

[3]...بخاری ،کتاب المظالم والغصب،باب من كانت لہ مظلمۃعند الرجل فحللھالہ...الخ ،صفحہ:631،حدیث:2449۔



$footer_html