Book Name:Musalman Ke 3 Huqooq
ٽيون حق: مسلمان جي قبر تي حاضر ٿيڻ
وضاحت: ان مان مقصود دعا آهي ته اسان جو مسلمان ڀاءُ جيڪو قبر جي اندر آهي، نه ڄاڻ ڪهڙي حال ۾ هوندو، اسان ان لاءِ دعا ڪريون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! ان کي فائدو پهچندو۔ حديثن ۾ آهي: * زندن جو مُردن لاءِ تحفو انهن لاءِ بخشش جي دعا ڪرڻ آهي * مردو قبر ۾ پنهنجن مائٽن ۽ دوستن احبابن جي دعائن جو انتظار ڪندو آهي * اها دعا مُردي کي دنيا ۽ جيڪو ڪجھ ان ۾ آهي، ان سڀ کان وڌيڪ پياري هوندي آهي * زمين وارن جي دعا سان قبر وارن کي جبلن جيڏو ثواب عطا ٿيندو آهي۔ ([1])
دهرائي
اڄ اسان مسلمانن جا 3 حق سکيا آهن: (1): خيرخواهي ڪرڻ (2):
تڪليف نه ڏيڻ (3): مسلمانن جي قبر تي حاضر ٿيڻ۔
سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دعا
دعاءِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
یَا مُقَلِّبَ الْقُلُوْبِ ثَبِّتْ قَلْبِیْ عَلٰی دِیْنِکَ
ترجمو: اي دلين کي ڦيرڻ وارا! منهنجي دل کي پنهنجي دين تي قائم رک۔ ([2])
اجتماعي جائرو وٺڻ جو طريقو (72 نيڪ اعمال)
يوميه 56 نيڪ اعمال
(1) سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ (2) پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون؟ (3) هر نماز کان اڳ ۾ نماز جي دعوت ڏني؟ (4) رات جو سُورةُ المُلۡڪ پڙهي يا ٻُڌي ورتي؟ (5) هر نماز کان پوءِ آيَةُ الۡڪُرسِي، تسبيحِ