Book Name:Musalman Ke 3 Huqooq
جڏهن ته مال يا عملن سان مدد ڪرڻ فرضِ ڪفايه آهي۔ مثال طور ڪو مسلمان سخت پريشان آهي، جنهن کان ٿي سگھي، ان جي مدد ڪري، طاقت هوندي به ڪنهن مدد نه ڪئي ته سڀ گنهگار ٿيندا۔ ([1]) دل سان خيرخواهي جا مثال:* مسلمان ڀاءُ جي ترقي ۽ ڪاميابي چاهڻ * ان کي نقصان نه پهچي ان جي خواهش رکڻ * ان لاءِ دنيا ۽ آخرت جون ڀلائيون چاهڻ وغيره۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: حاجت جي وقت مسلمان ڀائرن لاءِ دعا هر هڪ کي ڪرڻ گھرجي۔ ([2]) مال ۽ عملن سان خيرخواهي جا مثال:* بکايل کي ماني کارائڻ * غريب کي راشن ڏيڻ * جائز سفارش ڪرڻ * مظلوم جي مدد ڪرڻ * غيبت، چغلي، دوڪي وغيره کان بچائڻ * معذورن، بي سهارن جي ڪم اچڻ وغيره۔ حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو پنهنجي (مسلمان) ڀاءُ جي حاجت پوري ڪرڻ ۾ رهي ٿو، الله پاڪ ان جون حاجتون پوريون فرمائيندو آهي۔ ([3])
وضاحت: مسلمان کي ناحق تڪليف ڏيڻ گناهِ ڪبيره، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ ([4]) حديث پاڪ ۾ آهي: مَنْ آذىٰ مُسْلِمًا فَقَدْ آذَانِي ، وَمَنْ آذَانِي فَقَدْ آذىٰ اللَّهَ يعني جنهن ڪنهن مسلمان کي تڪليف پهچائي، ان مون کي تڪليف ڏني ۽ جنهن مون کي تڪليف ڏني ان الله پاڪ کي تڪليف پهچائي (يعني الله پاڪ کي غضب ڏياريو)۔ ([5]) تڪليف پهچائڻ جا مثال:* نالو بگاڙڻ * غصب (يعني ٻين جون شيون هٿيائڻ) * رستا بند ڪرڻ * دل ڏکائڻ * الزام هڻڻ * طعنا ڏيڻ وغيره۔