Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

هرمبلغه بيان ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پڙهي

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

استقبالِ ماههِ رمضان

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                    وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                                      وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

دُرُود شريف جي فضيلت

حضرت سَيدُنا شيخ اَحمد بن مَنْصُور رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جڏهن فوت ٿيا ته شيراز وارن مان ڪنهن خواب ۾ ڏٺو ته پاڻ مٿي تي موتين جو تاج سجائي بهترين حلو (يعني جنّتي لباس) پائي شيراز جي جامع مسجد جي محراب ۾ بيٺا آهن، خواب ڏسڻ واري حال احوال معلوم ڪيائين ته فرمايائون :”الله پاڪ مون کي بَخشي ڇڏيو، ڪرم فرمايو ۽ تاج پارائي جنَّت ۾ داخِل ڪيو۔“ پڇيو ويو: ڪهڙي سبب؟ فرمايائون: ”مان تاجدارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ڪثرت سان دُرُوْدِ پاڪ پڙھندو هئس اهو ئي عَمَل ڪم اچي ويو۔ “ اَلْحَمْدُ لِلّٰه رَبِّ العٰلَمِين۔ (القولُ الْبَدِيع ص۲۵۴)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَنِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل(1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس