Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab

ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

انهيء رسالي ۾ شيخ طريقت،امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي حوالي سان لکيو آهي ته پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا ته جهڙيءَ ريت روزيءَ ۾ برڪت جا اسباب آهن اهڙي طرح روزيءَ ۾ تنگيءَ جا به اسباب آهن، جيڪڏهن انهن کان بچيو وڃي ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ روزيءَ ۾ برڪت ئي برڪت ڏسندؤ. ان کان بعد امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مسلمانن جي خير خواهي جي لاءِ تنگدستي جا سبب به بيان فرمايا آهن اچو ٻڌون ٿا:

٭ بنا هٿ ڌوئڻ جي کاڌو کائڻ ٭ مٿي اگهاڙوکائڻ ٭ اونداهيءَ ۾ کائڻ ٭ دروازي تي ويهي ڪري کائڻ ٭ دروازي تي ويهي ڪري پيئڻ ٭ ميّت جي ڀرسان ويهي ڪري کائڻ ٭ جنابت (يعني ناپاڪي جي حالت ۾ ) کاڌو کائڻ ٭ (ٿانوَ ۾) نڪتل کاڌي کائڻ ۾ دير ڪرڻ ٭ کٽ تي بنا دسترخوان وڇائڻ جي کائڻ ٭ کٽ تي پاڻ سيرانديءَ کان ويهڻ ۽ کاڌو پيرانديءَ کان رکڻ ٭ ڏندن سان ماني ڪٽڻ (برگر وغيره کائڻ وارا به احتياط ڪن) ٭ اسٽيل يا ٺڪر جا ڀڳل ٿانوَ استعمال ۾ رکڻ يا ان ۾ پاڻي پيئڻ (ياد رکو ! ٿانوَ يا ڪوپ جي ڀڳل حصي جي طرف کان پاڻي، چانهه وغيره پيئڻ مڪروهه آهي، ٺڪر جا ڏار پيل اهڙا ٿانوَ جن جي اندروني حصي مان ٿوري به مٽي اکڙيل هجي ته ان ۾ کاڌو نه کائو ڇو ته مر مٽي ۽ جراثيم پيٽ ۾ وڃي ڪري بيمارين جوسبب بڻجي سگهن ٿا) ٭ کاڌل ٿانوَ صاف نه ڪرڻ ٭ کاڌو جنهن ٿانوَ ۾کاڌو آهي انهيءَ ۾ هٿ ڌوئڻ ٭ خلال ڪرڻ وقت جيڪي ذرا نِڪرن انهن کي وري وات ۾ رکي ڇڏڻ ٭ کائڻ پيئڻ جا ٿانوَ نه ڍڪڻ. کائڻ پيئڻ جا ٿانوَ بِسۡمِ اللّٰہ پڙهي ڪري ڍڪڻ گهرجن ڇوته بلائون (يعني بيماريون) لهنديون آهن ۽ خراب ڪري ڇڏينديون آهن پوءِ اهو کاڌو ۽ مشروب