Book Name:Rizq Main Tangi Kay Asbab

بيماريون پيدا ڪندو آهي.٭ مانيءَکي اڇلائڻ جو بي ادبي ٿئي ۽ پيرن ۾اچي. (سنی بہشتی زیور ص ۵۹۵ تا۶۰۱ ملخصاً) حضرت سيّدُنا امام برهان الدين زرنوجي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تنگدستي جا جيڪي سبب بيان فرمايا آهن انهن ۾ هي به آهن ٭ گهڻي سمهڻ جي عادت (ان سان جهالت به پيدا ٿيندي آهي) ٭ بنا ڪپڙن جي سمهڻ ٭ بي حيائيءَ سان پيشاب ڪرڻ (ماڻهن جي سامهون عام رستن تي بنا تڪلف جي پيشاب ڪرڻ وارا غور فرمائن) ٭ دسترخوان تي ڪِريل داڻا ۽ کاڌي جا ذرا وغيره کڻڻ ۾سُستي ڪرڻ ٭ بصر ۽ ٿوم جون کَلون ساڙڻ ٭ گهر ۾ ڪپڙي سان ٻُهاري ڏيڻ ٭ رات جو ٻُهاري ڏيڻ ٭ ڪچروگهر ۾ئي ڇڏي ڏيڻ ٭ مشائخ جي اڳيان هلڻ ٭ والدين کي انهن جي نالي سان سڏڻ ٭ هٿن کي گاري يا مٽيءَ سان ڌوئڻ ٭ دروازي جي هڪ حصي سان ٽيڪ لڳائي ڪري بيهڻ ٭ بيت الخلا ۾ وضو ڪرڻ ٭ جسم تي ئي ڪپڙو وغيره سبي وٺڻ ٭ چهرولباس سان خشڪ ڪرڻ ٭ گهر ۾ڪوريئڙي جو ڄارو لڳل رکڻ ٭ نماز ۾ سُستي ڪرڻ ٭ فجر جي نماز کانپوءِ مسجد مان جلدي نڪري وڃڻ ٭ صبح جو سوير بازار وڃڻ ٭ دير سان بازار مان اچڻ ٭ پنهنجي اولاد کي بد دعا ڏيڻ (اڪثر عورتون ڳالهه ڳالهه تي پنهنجي ٻارن کي پاراتا ڏينديون آهن ۽ پوءِ تنگدستيءَ جي شڪايت به ڪنديون آهن!) ٭ گناھ ڪرڻ خاص ڪري ڪوڙ ڳالهائڻ ٭ ڏيئي کي ڦوڪ ڏئي وسائڻ ٭ ٽُٽل ڦڻي استعمال ڪرڻ ٭ ماءُ پيءُ جي لاءِ دعاءِ خير نه ڪرڻ ٭ عمامو ويهي ڪري ٻَڌڻ ۽ ٭ پاجامو يا شلوار بيٺي بيٺي پائڻ ٭ نيڪ عملن ۾ بهانا ڪرڻ. (لنوائڻ)۔ (تعلیم المتعلم طریق التعلم، ۷۳ تا ۷۶)

عمل کا ہو جذبہ عطا یا الٰہی                         گُناہوں سے مجھ کو بچا یا الٰہی

وسائل بخشش مُرمّم ، ص۱۰۲