Book Name:Auliya Allah Ki Shan

خلق سے اولیاء اولیاء سے رُسُل

مُلکِ کونین میں انبیاء تاجدار

اور رسولوں سے اعلیٰ ہمارا نبی

تاجداروں کا آقا ہمارا نبی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان جتي اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۽ شوڪت جي خبر پئي، اتي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي اُمّت جي اولياء ڪرام ۽ علماء ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام جي شان ۽ شوڪت ۽ مقام و مرتبي جي به خبر پوي ٿي ته جڏهن حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام بارگاھ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ۾ عرض ڪيو ته ڪو اهڙو عالِم ڏيکاريو، جيڪو بني اسرائيل جي نيبن جي مثل هجي ته نبي داور،شفيعِ محشر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  سَيدُنا امام غزالي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه ڏانهن اشارو ڪيو، ان سان مَعَاذَالله عَزَّوَجَلَّ هرگز هر گز ڪو هي نه سمجھي ته ڪو ولي مقام ۽ مرتبي ۾ ڪنهن نبي کان وڌيڪ يا ان جي برابر ٿي سگھي ٿو، اعليٰ حضرت اِمام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: ڪو غيرِ نبي ڪنهن نبي جي برابر نٿو ٿي سگھي۔ (فتاویٰ رضویہ ۲۹/۲۲۸) هي به ياد رکو! ته هر ولي، عالِم ضرور هوندو آهي ڇو ته ولي جي لاءِ عالِم هئڻ شرط آهي جيئن ته صدرُ الشَّريعه حضرتِ علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه بهارِ شريعت ۾ فرمائن ٿا: ولايت هڪ خاص قُرب آهي جيڪو موليٰ عَزَّوَجَلَّ پنهنجي برگزيده ٻانهن کي محض پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان عطا فرمائي ٿو، ولايت بي علم کي ناهي ملندي، (صرف عالِم ئي کي ملندي آهي) خواه علم بطورِ ظاهر حاصل ڪيو هجي، يا ان مرتبي تي پهچڻ کان پهريان ئي الله عَزَّوَجَلَّ ان تي عُلوم مُنڪشف (يعني ظاهر) ڪيا هجن۔ (بہارشریعت،حصہ اول ،۱/۲۶۴ملتقطاً) اعليٰ حضرت،