Book Name:Auliya Allah Ki Shan

امام اهلسنّت، مجدّدِ دِين و ملّت، پروانه شمعِ رسالت، مولانا شاھ احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا ته شريعت ۽ طريقت هرگز هرگز جدا جدا راهون نه آهن ۽ نه ئي ڪڏهن ائين ٿي سگھي ٿو ته ڪو شخص ولي هجي ۽ عالِم نه هجي۔ (فتاویٰ رضویہ، ۲۱/۵۳۰، مفہوماً)

کرم ہو واسطہ کُل اولیاء کا               مِرا  اِیماں پہ مولیٰ خاتمہ ہو

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجن ولين سڳورن رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام کي وڏي شان سان نوازيو آهي، ۽ پنهنجي لطف ۽ ڪرم سان پنهنجي هنن ٻانهن کي پسند فرمائي خاص بڻايو آهي، هي اهي عظيم انسان آهن جنهن سان زماني جي زيب ۽ زِينت قائم آهي، هي اهي عظيم انسان آهن جنهن جي عبادت جي مهڪ تمام عالَم کي خوشبودار بڻائي رکيو آهي، هي اهي عظيم ماڻهو آهن جو جنهن جون دليون هر وقت الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ جھڪيل رهن ٿيون۔ اڄ اسان اولياءِ ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام جي مقام ۽ مرتبي، انهن جي شان و عظمت ۽ انهن جي ڪجھ صفتن جي باري ۾ ٻڌون ٿا ته جيئن اسان جي دلين ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جي هنن دوستن ۽ مُقَرَّب ٻانهن جي محبت ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي ۽ اسان به انهن جي نقشِ قدم تي هلندي نيڪيون ڪرڻ ۽ گُناهن کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔ جيئن قرآنِ ڪريم جي سيپاري 9 سوره اَنفال جي آيت نمبر34 ۾ الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجن ولين جي نيڪ ۽ پرهيزگار هئڻ کي تاڪيد سان بيان ڪندي اشاد فرمايو:

اِنۡ  اَوۡلِیَآؤُہٗۤ  اِلَّا الۡمُتَّقُوۡنَ

(پ:۹،انفال:۳۴)

ترجَمو ڪنزالايمان: ۽ ان جا وارث ته پرهيزگار ئِي آهِن.