Book Name:Auliya Allah Ki Shan

مُفَسِّرِ شَهير، حڪيم الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه هن آيتِ مُبارڪه تحت فرمائن ٿا ته ڪو ڪافر يا فاسِق، الله عَزَّوَجَلَّ جو ولي نٿو ٿي سگھي، ولايتِ الهي ايمان ۽ تقوي سان ملي ٿي۔ (تفسیرِنعیمی،۹/۵۴۳ بتغیر قلیل)

اهڙي طرح سيپاري 11سوره يونُس جي آيت نمبر 62 ۾ الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي ولين جي شان کي بيان ڪندي ارشاد فرمايو:

اَلَاۤ اِنَّ اَوۡلِیَآءَ اللّٰہِ لَا خَوۡفٌ عَلَیۡہِمۡ وَ لَا  ہُمۡ  یَحۡزَنُوۡنَ ﴿ۚۖ۶۲﴾  الَّذِیۡنَ  اٰمَنُوۡا  وَ کَانُوۡا  یَتَّقُوۡنَ ﴿ؕ۶۳﴾ لَہُمُ الۡبُشۡرٰی فِی الۡحَیٰوۃِ الدُّنۡیَا وَ فِی الۡاٰخِرَۃِ ؕ
 لَا
 تَبۡدِیۡلَ  لِکَلِمٰتِ اللّٰہِ ؕ ذٰلِکَ  ہُوَ  الۡفَوۡزُ
 الۡعَظِیۡمُ ﴿ؕ۶۴﴾  (پ:۱۱،يونس:۶۲-۶۴)

ترجَمو ڪنزالايمان: ٻُڌو بيشڪ الله جي وليُن تي ڪو به خوف نه آهي ۽ نه ئِي ڪو غم. اُهي جن اِيمان آندو ۽ تقوى اختيار ڪندا رهيا. اُنهن جي واسطي خوشخبرِي آهي دُنيا جِي زندگِي ۾ ۽ آخرت ۾ الله جا ڪلما (ڳالهيُون) تبدِيل نه ٿا ٿِي سگھن اِها ئِي وڏِي ڪاميابِي آهي.

 

حضرتِ سَيدُنا ابنِ عباس رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه هن آيت سڳوري تحت فرمايو: الله عَزَّوَجَلَّ جي ولين رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام مان مراد اهي نيڪ ماڻهو آهن، جنهن کي ڏسي الله عَزَّوَجَلَّ جي ياد اچي۔ (خازن پ ۱۱، سورۃ یونس،تحت الآیۃ ۶۲،۲/۳۲۲) جيئن ته نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جن ارشاد فرمايو: اَوْلِيَاءُ اللهِ الَّذِيْنَ اِذَا رُؤُوْا ذُكِرَ اللهُ يعني اولياءُ الله اهي آهن جنهن کي ڏسي الله عَزَّ وَجَلَّ جي ياد اچي۔ (کنز العمال ،قسم الاقوال کتاب الاذکار، باب فی الذکر و فضیلتہ، الجزء الاول، ۱/۲۱۴، حدیث:۱۷۷۹)

صدْرُ الافَاضِل حضرت علّامه مولانا مفتي سَيد محمد نعيمُ الدِّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه هن آيت سڳوري تحت ولين جا وصف بيان ڪندي ارشاد فرمائن ٿا ته وَلِي الله اهي آهي جيڪي فرضن جي ادائيگي سان الله عَزَّوَجَلَّ جو قُرب حاصل ڪري ۽ الله تعاليٰ جي اطاعت ۾ مشغول رهي ۽ انهن جي دل