Book Name:Auliya Allah Ki Shan

هڪ جواب هو ته هي منهنجي لٺ آهي، پر ڳالھ هي آهي ته جڏهن پاڻ عَلَيه السَّلَام کي الله عَزَّوَجَلَّ سان همڪلام ٿيڻ جو شرف مليو ته محبت ۽ شوق جي غلبي سبب پاڻ عَلَيه السَّلَام پنهنجي گفتگو ڊگھي ڪئي ته جيئن وڌ کان وڌ همڪلامي جو شرف حاصل ٿي سگھي ۽ ان وقت خُوش قسمتي سان مون کي پاڻ عَلَيه السَّلَام سان گفتگو جو شرف حاصل ٿيو ته مون به شوق ۽ محبت ئي جي ڪري پنهنجي گفتگو کي ڊگھو ڪيو۔

حضرت امام ابُوا لحسن شاذلي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا ته هي منظر ڏسي ڪري حضورِ انور، شاھ بحرو بَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تنها تخت تي جلوه افروز آهن ۽ تمام انبياء ۽ رسول عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام خاص ڪري حضرتِ ابراهيم خَلِيلُ الله، جنابِ عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰي نَبِينَاوَعَلَيهمَا الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جهڙا جليلُ القدر انبياء عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي سامهون زمين تي جلوه فرما آهن، ڪيتري وڏي عظمت ۽ جلالتِ محمدي جو مُظاهرو آهي، مان انهيء سوچ ويچار ۾ هئس ۽ پنهنجي دل ۾ خواب جي حالت ۾ حضورِ اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي مان ۽ مرتبي تي تعجب ڪري رهيو هئس ته اوچتو ڪنهن منهنجي پير کي ٺوڪر هنئي جنهن سبب مان بيدار ٿي ويس، مون ڏٺو ته هو مسجدِ اقصيٰ جو منتظم هو ۽ ان وقت مسجدِ اقصيٰ جون قنديليون روشن ڪري رهيو هو۔ ان مون کي چيو: (شه انبياء، سرورِ هر دوسَرا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مرتبي تي) ڇا تعجب ڪرين ٿو؟ هي سڀ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي ئي نُور سان ته پيدا ٿيا آهن۔

          هي ٻڌي مون تي بيهوشي طاري ٿي وئي۔ نماز جي لاءِ جماعت بيٺي ته ان وقت مون کي افاقو ٿيو مون مسجدِ اقصيٰ جي ان منتظم کي ڳوليو پر اڄ تائين ان کي ناهي ڏٺو۔ (روح البیان،ج۵،ص۳۷۴ بتغیر قلیل،کوثرُ الخیرات،ص ۳۹)