Book Name:Auliya Allah Ki Shan

ڪئي ته هي ڇا جو اجتماع آهي؟ معلوم ٿيو ته تمام رسول ۽ انبياء عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام سيدِ عالم نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي خدمتِ اَقدس ۾ حاضر ٿيا آهن، مون جيڪو تخت ڏٺو ته ان تي اسان جا نبي، محمد ِمدني،رسولِ هاشميصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  اڪيلا جلوه افروز آهن ۽ ٻيا سمورا نبي عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جيئن حضرت ابراهيم، حضرت عيسيٰ، حضرت نوح ۽ حضرت موسيٰ (۽ ان جي علاوه ٻيا انبياء ڪرام) عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام سڀئي زمين تي تشريف فرما آهن۔ مان اتي بيهي رهيس ۽ هنن مُقَدَّس حضرات جي گفتگو ٻڌڻ لڳس۔ حضرت موسيٰ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام عرض ڪيو ته حضور! اوهان فرمايو ته منهنجي اُمّت جا علماء، بني اسرائيل جي نبين جيان آهن (يعني دِين جي تبليغ ۽ اشاعت ڪرڻ جي اعتبار سان، تنهنڪري دِين جي جيتري خدمت علماء اسلام ڪئي، ايتري خدمت ڪنهن ٻي دِين جي عالمن پنهنجي دِين جي نه ڪئي۔) ته اوهان انهن مان ڪو هڪ عالِم ڏيکاريو ته حضورِ اڪرم نور مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه ڏانهن اشارو ڪيو: حضرتِ مُوسيٰ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام انهن کان هڪ سوال ڪيو، امام غزالي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه ان جا ڏھ (10) جواب ڏنا۔ حضرتِ موسيٰ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام فرمايائون ته جواب سوال جي مطابق هئڻ گھرجي، هڪ سوال جو هڪ جواب ڏيڻو هو، اوهان ڏھ (10) جواب ڇو ڏنا؟ حضرت سَيدُنا امام غزالي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه عرض ڪيو: يا نبي الله! الله عَزَّوَجَلَّ اوهان کان به هڪ ئي سوال ڪيو هو جيئن ته قرآنِ مجيد ۾ آهي ته ﴿ وَ  مَا تِلۡکَ بِیَمِیۡنِکَ  یٰمُوۡسٰی ﴿۱۷﴾ (پاره:۱۶،طٰهٰ:۱۷)

تَرجموڪنزالايمان: ۽ هئ تُنهنجي سڄي هٿ ۾ ڇا آهي اي مُوسى.

اوهان پڻ ان جا ڪيئي جواب ڏنا ته هي منهنجو عصا (يعني لٺ) آهي، مان ان تي ٽيڪ لڳايان ٿو ۽ ان سان پنهنجي ٻڪرين جي لاءِ پَن ڇاڻيان ٿو ۽ ان جي علاوه منهنجا ٻيا به ڪم ان سان ڪيان ٿو، جڏهن ته الله عَزَّوَجَلَّ جي هن سوال جو