Zaban Ki Hifazat

Book Name:Zaban Ki Hifazat

جي ڪنجي آهي * زبان جي حفاظت سان ٻانهي کي عبادت تي استقامت نصيب ٿئي ٿي * زبان جي حفاظت ايمان جي سلامتي جو ذريعو آهي * زبان جي حفاظت عالم لاءِ زينت ۽ جاهل لاءِ پردو آهي* زبان جي حفاظت جي برڪت سان حڪمت ۽ دانائي عطا ڪئي ويندي آهي * زبان جي حفاظت بغير ڪنهن پورهئي ۽ مشقت جي هڪ عظيم عبادت آهي * زبان جي حفاظت عزت ۽ وقار ۾ واڌاري جو سبب آهي.[1]

گناهن ڀري گفتگو جا نقصان

* گناهن ڀري گفتگو سان وقت جو زيان ٿئي ٿو * گناهن ڀريو ڪلام جهنم جي کڏ ۾ ڪيرائڻ جو باعث بڻجي ٿو * گناهن ڀري گفتگو جهالت جي علامت آهي * گناهن ڀريو ڪلام دل جي سختي جو سبب آهي * گناهن ڀري گفتگو سان عزت ۽ وقار ختم ٿي وڃي ويندو  آهي * گناهن ڀريو ڪلام جهيڙي جهٽي ۽ فتني فساد  جو  سبب  بڻجندو آهي  * گناهن ڀري گفتگو ذلت ۽ خواري جو ڪارڻ آهي * گناهن سان  ڀري گفتگو سان دلين ۾ نفرت ۽ دشمنيون پيدا ٿينديون آهن * گناهن ڀريل گفتگوءَ سان لبريز  اعمالنامو الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ سموري مخلوق جي آڏو پڙهڻو پوندو * گناهن واري گفتگوءَ سبب قيامت جي ڏينهن انسان کي سخت شرمساري ۽ پشيمانيءَ جو منهن ڏسڻو پوندو.

فضول گناهن ڀري گفتگو کان بچڻ جا طريقا

*   ڳالهائڻ کان اڳ تورڻ جي عادت بڻايو، يعني ڪابه ڳالهه ڪرڻ کان پهريان چڱيءَ طرح ويچار ڪريو ته منهنجي هيءَ گفتگو ڪٿي اجائي يا گناهن سان ڀريل ته ناهي؟ * اهڙي طرح گفتگو ڪرڻ کان پوءِ ان جو جائزو وٺو! مثلاً: پنهنجي هر هر ڳالهه تي غور ڪريو ۽ دل ئي دل ۾ پاڻ کان پڇو ته فلاڻي گفتگو ڇو ڪئي؟ ڇا ان جي ضرورت هئي؟ اهڙي ڪچهريءَ ۾ وڃڻ کان پاسو


 

 



[1] گفتگو  کے آداب ،صفحہ:76- 101،ملخصًا۔