Book Name:Zaban Ki Hifazat
گارگند وغيره) کان بچايو؟[1]
هن نيڪ عمل ۾ سومر شريف يا هفتي ۾ ڪنهن به ڏينهن نفل روزو رکڻ جي ترغيب ڏياري وئي آهي، ته اڄ اسان نفل روزن جي باري ۾ ٻڌنداسين.
زبان کي گناهن ڀريل ڳالهين کان محفوظ رکڻ زبان کي گناهن کان بچائڻ چورائبو آهي.
وضاحت: گفتگوءَ جا چار قسم آهن: (1): مڪمل فائديمند: اها گفتگو جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو زيان يا نقصان نه هجي. مثال طور: نيڪي جي تلقين ڪرڻ، برائي کان منع ڪرڻ، مڪي پاڪ ۽ مديني منوره جو ذڪرِ خير ڪرڻ وغيره.
(2): مڪمل نقصانڪار: اها گفتگو جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو فائدو نه هجي. مثال طور: ڪوڙ، گلا غيبت، چغلي، تهمت بازي ۽ گار گند وغيره. (3): اهڙو ڪلام جيڪو هڪ ئي وقت نقصانڪار به هجي ۽ فائديمند به. (4): اها گفتگو جنهن جو نه ڪو فائدو هجي ۽ نه ئي ڪو نقصان (يعني لاحاصل گفتگو). [2]
پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! انهن مان رڳو پهرئين قسم واري گفتگو جيڪا مڪمل فائديمند آهي، ان کانسواءِ باقي هر قسم جي گفتگو کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
آيتِ مبارڪه
الله پاڪ فرمائي ٿو
مَا یَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ اِلَّا لَدَیْهِ رَقِیْبٌ عَتِیْدٌ(۱۸) (پارہ :26،قٓ:18)
ترجموڪنزالعرفان: هو زبان مان ڪوبه لفظ نٿو ڪڍي، پر هي ته هڪ