Book Name:Zaban Ki Hifazat
محافظ فرشتو ان وٽ تيار ويٺو هوندو آهي.
* هن آيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته ٻانهو جيڪا به گفتگو ڪندو آهي، ڪراماًڪاتِبِين ان کي عمل نامي ۾ لکي وٺندا آهن ۽ قيامت جي ڏينهن اهو عمل نامو پڙهي ٻڌائڻو پوندو. * ٿورو غور ڪريو! قيامت جي ڏينهن زمين ٽامي جي هوندي ۽ سج باهه وسائي رهيو هوندو، اُڃ جي شدت سبب زبان ٻاهر نڪري ايندي، اهڙي عالم ۾ فضول ۽ گناهن سان ڀريل گفتگو وارو عمل نامو پڙهي ٻڌائڻ ڪيترو نه مشڪل هوندو! الله پاڪ اسان کي فضول ۽ گناهن واري گفتگو کان محفوظ فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
* ٻانهو پنهنجي زبان مان ڪو اهڙو بڇڙو ڪلمو ڪڍندو آهي، جنهن جي حقيقت يا سنگينيءَ کان هو بي خبر هوندو آهي (يعني ان کي معمولي خيال ڪندو آهي) حالانڪه الله پاڪ ان بڇڙي ٻول جي ڪري قيامت جي ڏينهن تائين ان ٻانهي لاءِ پنهنجي ناراضگيءَ جو فيصلو لکي ڇڏيندو آهي.[1]
ناجائز و فضول گفتگو جي مُتعلق احڪام
(1): گناهن سان ڀرپور گفتگو ڪرڻ ناجائز، گناهه ۽ جهنم ڏانهن وٺي وڃڻ وارو عمل آهي، مثال طور: * ڪوڙ * غيبت * چغلي * بهتان يا الزام تراشي * فحش گوئي * لعنت ڪرڻ * گاريون ڏيڻ * بڇڙن لقبن سان سڏڻ وغيره. (2): فضول گفتگو (اهڙي گفتگو جنهن ۾ نه دنيا جو فائدو هجي نه ئي دين جو) مڪروهه آهي؛ مثال طور: غير ضروري تبصرا وغيره ڪرڻ.[2]
* زبان جي حفاظت جنت ۾ داخلا جو وسيلو آهي * زبان جي حفاظت عبادت