Book Name:Aankhon Ko Gunahon Se Bachana
رکو. رستي تي هلندي وقت ۽ سفر دوران جڏهن ڊرائيونگ نه ڪري رهيا هجو ته بنا ضرورت جي هيڏي هوڏي ڏسڻ، سائن بورڊ پڙهڻ ۽ گهر جي کڙڪن مان ٻاهر جھانڪڻ وغيره کان پرهيز ڪريو! * اکين جي حفاظت جي فضيلتن ۽ بدنگاهي جي عذابن جو مطالعو ڪريو! * موبائيل ۽ انٽرنيٽ جو استعمال صرف ضرورت مطابق ۽ اهو به شريعت جي دائري ۾ رهي ڪريو! انهن جي استعمال بابت شرعي احتياطون به سکو! * صرف ۽ صرف 100 سيڪڙو اسلامي چينل مدني چينل ئي ڏسو! ان کان علاوه گناهن ڀريا چينل ڏسڻ، فلمن ڊرامن جي ذريعي اکين کي حرام سان ڀرڻ کان هميشه بچندا رهو! * جيڪڏهن اک ڀٽڪي وڃي ۽ بدنگاهي ڪري ويهو ته فوري طور تي نظر اتان هٽائي وٺو، ممڪن هجي ته خود اتان هٽي وڃو ۽ سچي دل سان الله پاڪ جي بارگاهه ۾ توبه به ڪريو.
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان نيڪ عمل نمبر 9، اکين کي گناهن کان بچائڻ جي موضوع تي تمام گهڻي معلومات حاصل ڪئي. اچو ته نيت ڪريون ته هن نيڪ عمل کي اپنائيندي اکين کي گناهن کان بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين.
الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا
قبر ۾ لاهڻ وقت جي دعا:
بِسْمِ اللّٰہِ وَبِاللّٰہِ وَعَلٰی مِلَّتِ رَسُوْلِ اللّٰہ[1]
اجتماعي جائزي جو طريقو (72 نيڪ اعمال)
(1): سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ (2): پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون؟ (3): هر نماز کان پهريان نماز جي دعوت ڏني؟ (4): رات جو سُوْرَةُ الْمُلْک پڙهي يا