Aankhon Ko Gunahon Se Bachana

Book Name:Aankhon Ko Gunahon Se Bachana

سکڻ  ۽  سيکارڻ جي حلقن جو  جدول

(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ

اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾  72  نيڪ اعمال   مان هڪ نيڪ عمل اکين کي گناهن کان بچائڻ جي عنوان تي مفيد ترين معلومات ڏني ويندي ۽ قبر ۾  لاهڻ  وقت  جي دعا  ياد ڪرائي ويندي ۽ آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!

دُرُود شريف جي فضيلت

آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جيڪو مون تي هڪ ڀيرو درود شريف پڙهندو آهي الله پاڪ ان جي لاءِ هڪ قيراط اجر لکندو آهي ۽ قيراط اُحد جبل جيترو آهي. ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                                   صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

اکين کي گناهن کان بچائڻ

نيڪ عمل نمبر 9: ڇا اڄ توهان اکين کي گناهن (يعني بدنگاهي، فلمن ڊرامن، موبائل تي گندي تصويرن ۽ ويڊيو، نامحرم عورتن ۽ سوٽن وغيره کي ڏسڻ) کان بچايو.؟ ([2])

اکين کي گناهن کان بچائڻ جو مطلب

جن شين کي ڏسڻ جائز ناهي، انهن کي نه ڏسڻ اکين کي گناهن کان بچائڻ آهي.


 

 



[1]... مصنف عبد الرزاق، كتاب الطھارۃ، باب ما يذهب الوضوء من الخطايا،جلد: 1،صفحہ:40،حديث:153۔

[2] ... معجم اوسط،جلد:1،صفحہ:82 ، حديث: 235۔