Aankhon Ko Gunahon Se Bachana

Book Name:Aankhon Ko Gunahon Se Bachana

مثال طور: * فلمون، ڊراما، * غير مناسب تصويرون ۽ وڊيوز، * بي پرده غير عورتن کي ڏسڻ ۽ * ٻين جو کليل گوڏو، ران وغيره ڏسڻ کان بچڻ.

آيتِ ڪريمه

  الله پاڪ فرمائي ٿو:

قُلْ لِّلْمُؤْمِنِیْنَ یَغُضُّوْا مِنْ اَبْصَارِهِمْ (سيپارو؛ 18، سورت نور: 30)

ترجموڪنزالعرفان: مسلمان مردن کي حڪم ڏيو ته پنهنجون نگاهون ڪجھ هيٺ رکن.

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

توهان يا ته پنهنجون نگاهون هيٺ رکندؤ ۽ پنهنجن شرمگاهن جي حفاظت ڪندؤ ۽ پنهنجن چهرن کي سڌو رکندؤ يا (بي حيائي جي سبب) توهان جون شڪليون بگاڙيون وينديون. ([1])  

درود پاڪ جي مُتعلق مخلتف احڪام

(1) ناجائز شيون ڏسڻ گناهه آهي. (2) ٻين جو ستر ڏسڻ حرام آهي.[2] ستر ڪنهن کي چئبو آهي؟ ٻڌي ڇڏيو! مرد جو دُن کان هيٺ کان وٺي گوڏن سميت بدن جو حصو، جڏهن ته عورتن جي جسم جا 5 عضوا (1): منهن جي ٽڪلي (2، 3): ٻنهي هٿن جون تريون (4، 5): ٻنهي پيرن جون تريون، ان کان سواءِ سڄو جسم ستر آهي.[3] نوٽ: واضح رهي ته (جنهن کي ڏسڻ حرام آهي، ان تي) قصداً (يعني ڄاڻي واڻي) وڌل پهرين نظر به حرام ۽ جهنم ۾ وٺي ويندڙ ڪم آهي[4].

 


 

 



[1]... معجم كبير،جلد: 4،صفحہ:319، حديث:7746۔

[2] فتاویٰ رضویہ، جلد:22،صفحہ:201۔

[3] بہارِ شريعت ،جلد:1،حصہ:3،صفحہ:481  ،ملخصًا۔

[4] پردے کے بارے میں سُوال جواب، صفحہ:296 ،بتغیر قلیل