Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain
تَفريحُ الخاطر (هن ڪتاب) ۾ آهي ته مصر ۾ هڪ واپاري رهندو هو جيڪو حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو وڏو ديوانو هو سندن سان تمام گهڻي عقيدت رکندو هو. هُن پنهنجي دل ۾ پڪو پَههُ ڪيو هو ته مان مُرِيد ٿيندس ته صرف غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو ئي ٿيندس. سندن هٿ مبارڪ تي بيعت ڪرڻ جي لاءِ بغداد وڃڻ لاءِ به تيار هو پر هن جي قسمت جو کيس بغداد جي حاضري نصيب نه ٿي رهي هئي.
اهڙي طرح ارادو ڪندي ڪندي کيس 40 سال گذري ويا. آخرڪار هڪ دفعي هي همٿ ڪري بغداد شريف پهچي ويو. جڏهن اتي پهتو ته کيس خبر پئي ته حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ته دنيا مان پردو فرمائي چڪا آهن.
اللہ اکبر! سالن جي خواهش اڄ پوري مَسَ ٿي ته محبوب پردي ۾ هليا ويا. هن جي پيرن هيٺان ته ڄڻ زمين ئي نڪري وئي، کيس تمام گهڻو صدمو رَسيو. خير، مزار شريف تي حاضر ٿي، تمام ادب سان هن غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مزارِ پاڪ جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو. جيئن ئي مزارِ پاڪ تي حاضر ٿيو، تيئن ئي مٿس ڪرم ٿي ويو. اهي ئي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه، جن جي محبت جي چِڻِنگَ سالن کان سندس دل ۾ دُکِي رهي هئي، انهن غريب نواز، ڪرم ڪندڙ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جاڳندڙ اکين سان پنهنجي غلام کي ديدار به عطا ڪيو، پنهنجو مريد به بڻايائون ۽ کيس هڪ ئي نظرِ ڪرم سان اِنابَت جي درجي تائين پهچائي ڇڏيائون. ([1])
سڀني کان ڪٽجي اللہ پاڪ جي طرف لَو لڳائڻ کي اِنابَت چئبو آهي. هي تصوف جو هڪ اعليٰ درجو آهي.
کیوں نہ قاسم ہو کہ تو ابن ابی القاسم ہے کیوں نہ قادر ہو کہ مختار ہے بابا تیرا ([2])