Book Name:Musalman Ke 5 Huqooq
قيراط احد پهاڙ جي برابر آهي)[1] هڪ روايت ۾ آهي: مؤمن جي نماز جنازه پڙهڻ وارن جي بخشش ڪئي ويندي آهي. [2]
ٽيون حق: تَشْمِیْتُ الْعَاطِسِ (نڇ جو جواب ڏيڻ).
وضاحت: * مسلمان نڇ ڏئي ۽ اَلْحَمْدُ لِلہِ چئي ته ٻڌڻ واري تي جواب ۾ یَرْحَمُکَ اللہِ چوڻ واجب آهي * نڇ جو جواب فوراً ۽ ايتري آواز ۾ ڏيڻ واجب آهي جو نڇ ڏيڻ وارو ٻڌي سگهي * صرف پهرين نڇ جو جواب واجب آهي ٻيهر نڇ اچي ته هاڻي جواب واجب ناهي بلڪه مستحب آهي.[3]
جنهن کي نڇ اچي ان کي اَلْحَمْدُلِلہِ چوڻ گهرجي بهتر هي آهي ته اَلْحَمْدُ لِلہِ رَبِّ الْعَالَمِیْن چئي ۽ ٻڌڻ وارو ان جي جواب ۾ هن طرح چئي: یَرْحَمُکَ اللہِ پوءِ نڇ ڏيڻ وارو چئي: یَغْفِرُ اللہُ لَنَا وَلَکُم .
دهرائي
اڄ اسان مسلمانن جا 3 حق سکيا آهن: (1): عِیَادَۃُ الْمَرِیْضِ مريض جي عيادت ڪرڻ (2): اِتِّبَاعُ الْجَنَائِز جنازي سان گڏ هلڻ (3): وَتَشْمِیْتُ الْعَاطِسِ ۽ نڇ جو جواب ڏيڻ.
سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دعا
لَابَأْسَ طَھُوْرٌ اِنْ شَآءَ اللّٰہ
ترجمو: ڪا حرج جي ڳالهه ناهي ان شاء الله! هي مرض گناهن کان پاڪ ڪرڻ وارو