Book Name:Musalman Ke 5 Huqooq
کي گار ڏني هوندي * ڪنهن تي الزام لڳايو هوندو * ڪنهن جو مال کاڌو هوندو * ڪنهن جو خون وهايو هوندو ته * ڪنهن کي ماريو هوندو، ان جون نيڪيون (ظلم جي بدلي ۾) مظلومن کي ڏنيون وينديون، جيڪڏهن انصاف پورو ٿيڻ کان پهرين نيڪيون ختم ٿي ويون ته مظلومن جا گناهه ان ظالم جي مٿي تي وجهي ان کي جهنم ۾ اڇلايو ويندو. هي منهنجي اُمت جو مفلس (ڪنگال) ماڻهو آهي. [1]
پيارا اسلامي ڀائرو! ٻانهن جي حقن جو معاملو تمام سخت آهي، ماڻهن جا حق ادا ڪرڻا ئي پوندا، دنيا ۾ نه ڪيا ته آخرت ۾ هر صورت ادا ڪرڻا پوندا. ڀلائي ان ۾ آهي ته اڄ دنيا ئي ۾ حق ادا ڪري ڇڏجن، نه ته قيامت جي ڏينهن نيڪيون ڏيڻيون پئجي سگهجن ٿيون. الله پاڪ اسان کي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
مسلمان چاهي اسان جو رشتيدار هجي يا نه هجي، سڃاڻو هجي يا اڻڄاڻ، جيڪو مسلمان آهي، ان جا اسان تي گهڻائي حق آهن، جن مان اڄ اسان 3 حق سکڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين.
عِيَادَةُ الْمَرِيْض (مريض جي عيادت ڪرڻ)
وضاحت: بيمار جي مزاج پرسي ڪرڻ (يعني حال چال پڇڻ) عيادت سڏجندو آهي. عيادت پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي پياري سنت آهي.[2] (2) اسان جا محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم هر غريب ۽ امير جي عيادت لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا.[3]
روايتن مطابق عيادت ڪرڻ واري کي رحمت