Musalman Ke 5 Huqooq

Book Name:Musalman Ke 5 Huqooq

ڍڪي ڇڏيندي. * 70 هزار فرشتا ان لاءِ بخشش جي دعا ڪندا آهن.[1] * ان جي هر قدم تي هڪ نيڪي لکي ويندي آهي * هڪ گناهه مٽايو ويندو آهي * ۽ هڪ درجو بلند ڪيو ويندو آهي.[2]

عيادت جا چند آداب:

 رضاءِ الاهي لاءِ سنت تي عمل ڪرڻ جي نيت سان عيادت ڪيو! * چهري تي غم جي ڪيفيت آڻيو! * اميد ڏيارڻ واريون ڳالهيون ڪيو! مثال طور بيماري جي فضائل تي حديثون ياد هجن ته ٻڌايو! الله پاڪ جي رحمت جو تذڪرو ڪيو! * ڊيڄاريندڙ ڳالهيون هرگز نه ڪيو! * عيادت ڪري جلدي اٿي وڃو! ته جيئن مريض آرام ڪري سگهي * مريض لاءِ دُعا ڪيو! ۽ ان کان به دُعا ڪرايو ڇوته مريض جي دُعا قبول ٿيندي آهي * عيادت جي وقت هيءَ دُعا پڙهڻ سنت آهي:

 لَابَاْسَ طَہُوْرٌ  اِنْ شَآءَ اللہُ

ترجمو: فڪر جي ڳالهه ناهي، ان شاء الله گناهه ڌوپجندا

ٻيو حق: اِتِّبَاعُ الْجَنَائِز                    (جنازي سان گڏ هلڻ)

وضاحت: يعني مسلمان جي نماز جنازه پڙهڻ ۽ تدفين لاءِ گڏ وڃڻ. ياد رهي! نمازِ جنازه فرضِ ڪفايه آهي (جو ڪجهه ماڻهن پڙهي ورتي ته سڀني تان فرض لهي ويو، ڪنهن به نه پڙهي ته جن جن کي خبر هئي، سڀ گنهگار ٿيا)[3] ۽ دفن تائين گڏ رهڻ افضل آهي[4] * حديث شريف ۾ آهي: جيڪو جنازي سان گڏ هليو، نماز جنازه پڙهيائين ۽ دفن تائين گڏ رهيو، ان لاءِ 2 قيراط ثواب آهي ۽ جنهن صرف نمازِ جنازه پڙهي (دفن تائين گڏ نه رهيو) ان لاءِ هڪ قيراط ثواب آهي (وضاحت: هڪ


 

 



[1] ابن ماجہ،کتاب الجنائز ،باب ماجاء فی ثواب من عاد مریضا،صفحہ:234،حدیث:1442،ملخصًا۔

[2] معجم اوسط،جلد: 3،صفحہ:222،حدیث :4396۔

[3]   بہارِ شریعت ،جلد:1،صفحہ:825۔

[4] لمعات التنقیح ،جلد:4،صفحہ:9۔