Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

رهي۔ (9) رجهائڻ جي لاءِ ڪوڙو واعدو نه ڪري بلڪه ٻار سان به اهو واعدو جائز آهي جنهن کي پورو ڪرڻ جو ارادو رکندو هجي۔ (10) پنهنجا ڪجھ ٻار هجن ته جيڪا شيء ڏئي سڀني کي برابر ڏي، (11) هڪ کي ٻئي تي ديني فضيلت جي بغير ترجيح نه ڏئي۔ (فتاويٰ ر ضويه ، ٢٤/۴۵۳ملخّصاً)

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ خوش نصيب آهن اهي اسلامي ڀينرون جيڪي ٻارن جي دلين ۾ خوشي داخل ڪن ٿيون، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهن کي ربِّ ڪريم جنت ۾ هڪ عاليشان گھر سان نوازيندو، جيئن

جنتي گھر دارُ الفَرح ڪنهن جي لاءِ آهي؟

حضرت سَيدَتُنَا عائشه صِدّيقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا روايت ڪن ٿيون ته رسول الله  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ”بيشڪ جنّت ۾ هڪ گهر آهي جنهن کي ”دار الفرح“ چيو ويندو آهي ان ۾ اهي ئي ماڻهو داخل ٿيندا جيڪي ٻارن کي خوش ڪندا آهن۔ (جامع صغير ، ص۱۴۰، حديث۲۳۲۱)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون ! ٻار الله پاڪ جي نعمت هوندا آهن۔ انهن سان پيار ۽ محبت ڀريو ورتاءُ (Behave) ئي ڪرڻ گھرجي۔ ٻار پنهنجا هجن يا ٻين جا، ٻار ٻار ئي هوندا آهن۔ انهن سان هميشه مهرباني سان پيش اچڻ گھرجي۔ ڪي اسلامي ڀينرون اهڙيون خشڪ مزاج هونديون آهن جيڪي پنهنجي ٻارن تي به شفقت نٿيون ڪن۔

      حضرتِ سَيدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرتِ سَيدُنا حسن بن علي رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا کي چميائون ته هڪ شخص عرض ڪيو: منهنجا ڏھ ٻار آهن مون (اڄ تائين) انهن مان ڪنهن کي ناهي چميو، ته پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي ڏٺو پوءِ ارشاد فرمايائون: جيڪو رحم ناهي ڪندو اهو رحم ناهي ڪيو ويندو۔ (بخاري،ڪتاب الادب،باب رحمة الولد۔۔۔، ۴/۱۰۰، حديث:۵۹۹۷)

۽ ڪجھ اهڙيون به هونديون آهن جيڪي پنهنجن ٻارن تي ته شفيق ۽ مهربان هونديون آهن پر ٻين جي ٻارن تي شفقت ۽ مهرباني ڪرڻ ڄڻ انهن جي