Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ٻارن سان شفقت ڀريا انداز

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون ! هميشه ٻارن سان الفت ڀريو ورتاءُ ڪيو، غور ڪريو! ننڍپڻ ۾ چنڊ سان کيڏڻ واري مصطفيٰ، بُرّاق جهڙي اعليٰ ترين سواري تي سوار ٿيڻ واري آقا عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام پاڻ پنهنجي ڏوهٽن يعني حسنينِ ڪريمين رَضِىَ اللهُ عَنْهمَا جي لاءِ سواري بڻيا۔

رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ٻارن سان شفقت جو عالم اهو هو جو نماز دوران سجدي جي حالت ۾ پٺ مبارڪ تي ٻارن جي موجودگي محسوس فرمائي سجدو ڊگھو ڪري ڇڏيندا هئا۔ (مسنداحمد، ۵/۴۲۶، حديث:۱۶۰۳۳ ملخصاًو مفهوماً)

ڪڏهن ڪڏهن نماز دوران ٻار جي روئڻ جو آواز ايندو هو ته پاڻ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام نماز ۾ تخفيف فرمائيندا هئا۔ (بخاري،ڪتاب الاذان، باب من اخف الصلاة۔۔۔،۱/۲۵۳،حديث:۷۰۷ مفهوماً)

ٻارن سان شفقت ۽ مهرباني جو اهڙو ورتاؤ ڏسي حضرت انس رَضِىَ اللهُ عَنْه چون ٿا: نبي پاڪ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻارن تي شفقت فرمائڻ وارا هئا۔ (مسند ابو يعلٰي، ۳/۴۲۵، حديث:۴۱۸۱) 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون !بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں

نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے