Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa
رهيو آهي اهڙي طرح پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رحمتن جون ڇما ڇم بارشون ٻارن کي به خوب خوب سيراب ڪن ٿيون ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻارن ٻارڙين کي به پيار و مَحَبَّت ۽ پنهنجي اُلفت جا جام ڀري ڀري پيئاريندا هئا، بيشڪ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻارن جي نفسيات کي تمام سٺي طرح سان ڄاڻندا هئا جو انهن نرم ۽ نازڪ پنکڙين تي جيتري قدر شفقت ۽ مهرباني جي پاڻي جو ڇنڊڪار ڪيو وڃي، ايتري قدر انهن جي تر و تازگي ۽ خوب صورتي ۾ نکار اچي ويندو۔ اچو! ٻارن سان شفقتِ مصطفيٰ تي هڪ حڪايت ٻڌون ٿيون:
سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پنهنجي ڏوهٽيءَ تي شفقت
حضرتِ سَيدُنا ابوقتاده رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان وٽ تشريف فرما ٿيا ته پاڻ (سندن ڏوهٽيءَ) اُمامه بنت ابوالعاص کي پنهنجي ڪلهي تي کنيل هئا۔ پوءِ پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز پڙھائڻ لڳا ته رڪوع ۾ وڃڻ مهل انهن کي لاهي ڇڏيندا هئا ۽ جڏهن بيهندا هئا ته کڻي وٺندا هئا. (بخاري ، ڪتاب الادب، باب رحمة الولد ،۴/۱۰۰،حديث:۵۹۹۶)
حڪيم الامت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ تحت فرمائن ٿا: اهو عمل حضورعَلَيه السَّلَام جي خصوصيت مان آهي، اسان جي لاءِ مُفسدِ نماز آهي ڇوته نماز ۾ ٻارڙيءَ کي کڻڻ لاهڻ ۽ روڪڻ عمل ڪثير کان خالي ناهي۔ (مرآة المناجيح، ۲/۱۳۳) يعني نماز ۾ ٻار کي کڻڻ لاهڻ ۽ نماز جو فاسد نه ٿيڻ حضور پرنور جي ئي خاصيت هئي، جيڪڏهن اسان ائين ڪنداسين ته اسان جي نماز ٽٽي پوندي.
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون ! اسان کي به پنهنجي ڪريم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ طريقي تي هلڻ گھرجي۔ پاڻ سڳورن جيان ٻارن سان سٺو ورتاء ڪرڻ گھرجي۔ اسان کي گھرجي ته اسان به ٻارن جو خوب خوب خيال رکون، انهن جي دل وندرايون، انهن جون جائز خواهشون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، انهن جي چهرن تي مُرڪ آڻڻ جي ڪوشش ڪريون، انهن تي شفقت و مهرباني ڪريون، انهن سان نرم لهجي ۾ ڳالهايو، جيڪڏهن اهي سمجهدار هجن ۽ مسجد ۾ وڃڻ جي شرعي اجازت هجين ۽ مسجد ۾ وڃي نمازن پڙهڻ جو ذوق ۽ شوق هجين ته انهن جي حوصله افزائي ڪئي وڃي، تلاوتِ قرآن ۾