Book Name:Dil Joii Kay Fazail
اسان جي دين ۾ دل جوئي جي وڏي اهميت آهي۔ فتني کان بچندي جائز طريقي سان ڪنهن اسلامي ڀيڻ جي دل جوئي ڪرڻ وڏي اجر جو سبب آهي۔ ائين ڪرڻ سان جتي آخرت چڱي ٿيندي آهي اتي معاشري ۾ به بهترين فضا قائم ٿيندي آهي۔ ٻين جي دل جوئي ڪرڻ جو ڪيترو وڏو اجر آهي اچو هن باري ۾ ڪجھ حديث سڳوريون ٻڌون ٿيون:
1۔ فرمايائون: اللہ پاڪ جي ويجھو فرض جي ادائيگي کان پوءِ سڀ کان افضل عمل مسلمان جي دل ۾ خوشي داخل ڪرڻ آهي۔ (معجم ڪبير، ۱۱/۵۹، حديث: ۱۱۰۷۹)
2۔ فرمايائون: بيشڪ مغفرت کي واجب ڪرڻ وارين شين مان تنهنجو پنهنجي مسلمان ڀاء جي دل خوش ڪرڻ به آهي۔ (معجم اوسط، ۶/۱۲۹، حديث:۸۲۴۵)
3۔ فرمايائون: مَنْ سَرَّ مُؤْمِنًا فَقَدْ سَرَّاللہَ يعني جنهن ڪنهن مسلمان کي خوش ڪيو ان اللہ کي راضي ڪيو۔ (حلية الاولياء،هارون بن رئاب الاسدي،۳/۶۶،حديث: ۳۱۸۸ ،ڪتاب المجروحين لابن حبان ،۲/۲۹۷، رقم:۹۷۷)
4۔ فرمايائون: جيڪو شخص ڪنهن مسلمان جي دل خوش ڪندو آهي ته اللہ پاڪ ان خوشي سان هڪ ملائڪ پيدا ڪندو آهي جيڪو اللہ پاڪ جي عبادت ۽ ان جي وحدانيت بيان ڪندو رهندو آهي۔ جڏهن هو شخص مرڻ کان پوءِ پنهنجي قبر ۾ پهچندو آهي ته اهو ملائڪ ان وٽ اچي چوندو آهي: ڇا تون مون کي سڃاڻين ٿو؟ جواب ڏيندو آهي: توهان ڪير آهيو؟ هو چوندو آهي: مان اها خوشي آهيان جيڪا تو فلاڻي ٻانهي جي دل ۾ داخل ڪئي هئي ۽ اڄ مان تنهنجي دل وندارئي پريشاني پري ڪندس، مان تون کي تنهنجي حجت ياد ڏياريندس، مان نڪيرين جي جواب ۾ تو کي حق تي ثابت قدم رکندس، مان قيامت جي ڏينهن تو سان گڏ هوندس، ربِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ تنهنجي شفاعت ڪندس ۽ جنت ۾ تنهنجو مقام ڏيکاريندس۔ (موسوعة ابن ابي الدنيا، قضاء الحوائج،۴/۲۱۳، حديث: ۱۱۵)
اي عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون!معلوم ٿيو ته دل جوئي ڪرڻ ۽ ٻين جي دلين ۾ خوشي داخل ڪرڻ اهڙو ڪم آهي جو جنهن سان اللہ پاڪ پنهنجي ٻانهي کي مشڪلات کان بچائڻ جا اسباب پيدا فرمائيندو آهي۔ اچو دل جوئي بابت بزرگن جا ڪجھ قول به ٻڌون ٿيون: