Musalman Ke 2 Huqooq

Book Name:Musalman Ke 2 Huqooq

ڏيڻ ضروري آهي، صرف هٿ يا مٿي جي اشاري سان جواب ڏنو ته واجب ادا نه ٿيندو. * سلام جو جواب اسلام جو حق آهي، تنهن ڪري هر مسلمان جي سلام جو جواب ڏيو! ضروري مسئلو:  ڪجهه ماڻهو سلام وٺڻ وقت جهڪي ويندا آهن، هي جهڪڻ جيڪڏهن رڪوع جي حد تائين هجي ته حرام، ان کان گهٽ هجي ته مڪروه آهي.[1]

سلام و جوابِ سلام جو درست تلفظ:  سلام ۽ جواب سلام جو صحيح تَلَفُّظ ياد فرمائي ڇڏيندا! پهريان مان چوان ٿو، اوهان دهرايو! اَلسَّلامُ عَلَیکُمْ ( اَسۡ-سَلا-مُ -عَلَيۡ-ڪُمۡ) وَرَحْمَۃُ اللہِ (وَ- رَحْ- مَةُ- اللهِ) وَبَرَکَاتُہُ  (وَ- بَرَ- ڪَا-تُهُ). هاڻي پهرين مان جواب ٻڌايان ٿو، توهان ورجايو! وَعَلَيڪُمُ السَّلام (وَ-عَ- لَي- ڪُمُسْ- سَلام).

ٻيو حق: یُجِیْبُہُ اِذَا دَعَاہُ     يعني دعوت قبول ڪرڻ  

وضاحت:  يعني اسان جو مسلمان ڀاءُ اسان کي ماني، پاڻي، چانهه، ديني اجتماع وغيره جي دعوت ڏئي ته ان جي دعوت قبول ڪرڻ مستحب به آهي ۽ مسلمانن جي حقن ۾ به شامل آهي. علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: عام دعوتون قبول ڪرڻ مستحب آهي[2] جڏهن ته وليمي (شادي جي دعوت) جي دعوت قبول ڪرڻ سُنّتِ مؤڪّده آهي. اڄڪلهه دعوتن ۾ ناچ گانو وغيره ٿين ٿا، اهڙين دعوتن ۾ نه وڃڻ ضروري آهي.

دهرائي

اڄ اسان مسلمانن جا 2 حق سکيا آهن:

(1)     سلام جو جواب ڏيڻ (2) دعوت قبول ڪرڻ.

\ سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دعا

ڪاوڙ اچڻ وقت جي دعا


 

 



[1] بہارِ شریعت،جلد:3،صفحہ:460/464،ملخصًا۔

[2] فتاوی اہلیسنت WAT-1723،بتغیر قلیل ۔