Musalman Ke 2 Huqooq

Book Name:Musalman Ke 2 Huqooq

حق تلفين جي سزا ڀوڳڻي پوندي.

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اعمال ناما 3 قسمن جا آهن: (1)  اهو جنهن جي الله پاڪ بخشش نه فرمائيندو. اهو شِرڪ آهي. (يعني اهو اعمال نامو جنهن ۾ شرڪ ۽ ڪفر لکيل هجي، ان جي ڪنهن به صورت ۾ بخشش ناهي.) (2)  اهو اعمال نامو جنهن کي الله پاڪ نه ڇڏيندو، ان ۾ هڪٻئي جون حق تلفيون آهن، جيستائين الله پاڪ انهن جو فيصلو نه فرمائي، انهن کي معاف نه ڪيو ويندو. (3)  اهو اعمال نامو جنهن ۾ حقوق الله جي ادائيگي (مثال طور نماز، روزو وغيره) ۾ ٿيل ڪوتاهيون لکيل هونديون، اهو الله پاڪ جي مرضيءَ تي آهي، چاهي ته معاف فرمائي، چاهي ته سزا ڏئي.[1]

مسلمانن جا 2 حق   

مسلمان چاهي اسان جو رشتيدار هجي يا نه هجي، سڃاڻو هجي يا اڻڄاڻ، جيڪو مسلمان آهي، ان جا اسان تي گهڻا ئي حق آهن، جن مان 3 اسان اڳ ۾ سکي چڪا آهيون، 2 حق اڄ سکنداسين. اچو! پهرين سکيل حق ورجائي وٺون: (1)  مريض جي عيادت ڪرڻ (2) جنازي سان گڏ هلڻ (3)  ۽ نڇ (ڇڪ) جو جواب ڏيڻ.

وڌيڪ 2 حق جيڪي اڄ سکڻا آهن اهي هي آهن:

پهريون حق: رَدُّ السَّلامِ    يعني سلام جو جواب ڏيڻ  

وضاحت:  سلام جو جواب ڏيڻ واجب آهي. ڪجهه ڳالهيون ذهن ۾ رکو! * سلام جي جواب ۾ صرف وَعَلَیْکُم چئي ڇڏيو، ان سان واجب ادا ٿي ويندو. * مستحب هي آهي ته وَعَلَیْکُمُ السَّلَامْ وَرَحَمَۃُ اللہِ وَبَرَکَاتُہُ چئجي. * سلام جو جواب ايتري آواز سان ڏيڻ جو سامهون وارو ٻڌي سگهي، واجب آهي. * سلام جو جواب زبان سان


 

 



[1] مشکاۃ ،کتاب الآداب ،باب الظلم ،جلد:2،صفحہ:237،حدیث:5133۔