Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra
ٿي، ڏاڍي مشڪل گھڙي هئي. قرآن ڪريم اهو عظيم ڪلام آهي، جنهن بابت الله پاڪ ارشاد فرمايو:
لَوْ اَنْزَلْنَا هٰذَا الْقُرْاٰنَ عَلٰى جَبَلٍ لَّرَاَیْتَهٗ خَاشِعًا مُّتَصَدِّعًا مِّنْ خَشْیَةِ اللّٰهِؕ- (پارہ:28، سورۂ حشر:21)
ترجموڪنزالعرفان: جيڪڏهن اسان هي قرآن ڪنهن جبل تي لاهيون ها ته ضرور تون ان کي جهڪيل، الله جي خوف کان ذرا ذرا ڏسين ها.
يعني قرآن پاڪ جيڪڏهن جبلن تي به لاٿو وڃي ها ته جبل به خوف ۽ رعب جي ڪري ننڍڙا ننڍڙا ذرا ٿي وڃن ها، هن مان اندازو لڳايو ته محبوب مصطفى صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي مبارڪ دل، جنهن تي هي پاڪ ڪلام نازل ٿيو، ان وقت دل مبارڪ تي رب جي فيض جو ڪيڏو نه اثر ٿيو هوندو! پر قربان وڃان! هي منهنجي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي پاڪيزه دل آهي، جيڪڏهن جبل به هجن ها ته ذرا ذرا ٿي وڃن ها پر دلِ مصطفى صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم هن تجلي ۽ فيض کي قبول ڪري، جيئن هئي، تيئن ئي رهي. اعلى حضرت رَحمۃُ اللہِ عَلَیْه لکن ٿا:
دِل سمجھ سے وراء مگر یُوں کہوں غنچۂ رازِ وحدَت پہ لاکھوں سلام
وضاحت: اعلى حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه محبوبِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي هر هر عضو، هر هر ادا تي سلامن جا نذرانا پيش ڪيا آهن، جڏهن دل پاڪ لاءِ عرض ڪرڻ لڳا ته فرمايائون: دلِ مصطفيٰ اها عظيم دل آهي، جو مخلوق جي سمجهه ۾ ته ڪنهن به طرح اچي ئي نٿي سگهي، ها! ايترو چئي سگهان ٿو ته هيءَ پاڪ دل وحدت جي راز جي مُکڙي ۽ باغ آهي، ان تي به لکين سلام هجن!
پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن پهرين وحي نازل ٿي ته پياري محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي دل هونئن ته مضبوط رهي، البته! هن فيضِ رباني جو هڪ رعب طاري ٿيو، جيئن ته پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم گهر ڏانهن تشريف کڻي آيا، پياري زوجه محترمه سَيِّدَہ خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللہُ عَنْهَا کي فرمايائون: مون کي چادر ويڙهيو، سَيِّدَہ خديجة الڪبرى رَضِیَ اللہُ عَنْهَا چادر ويڙهي. ڪجهه دير کان پوءِ جڏهن دلِ پاڪ تان رعب جي ڪيفيت ختم