Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra
عمر مبارڪ 40 سال ٿي چڪي هئي، ربيع الاول جي مهيني کان وحي جا آثار ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا، اهو هن طرح جو پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي سچا خواب ڏيکاريا ويا، پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جيڪو ڪجهه خواب ۾ ڏسندا هئا، هوبهو اُهو ئي ڪجھ ڏينهن ۾ سندن سامهون ٿي رهيو هوندو هو، تقريباً 6 مهينا انهيءَ انداز سان گذريا، ان کان پوءِ پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي دل ۾ تنھائي جي محبت داخل ڪئي وئي. رمضان شريف جو مبارڪ مهينو هو، پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کاڌي پِيتي جو ڪجهه سامان کنيو ۽ غارِ حِرا ۾ تشريف وٺي ويا. ڪجھ ڏينهن غارِ حِرا ۾ الله پاڪ جي ياد ۽ عبادت ۾ مصروف رهيا پوءِ گهر موٽي آيا. مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ، حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللہُ عَنْهَا ٻيهر کائڻ پيئڻ جو سامان تيار ڪري ڏنو، پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ٻيهر غارِ حرا ۾ تشريف وٺي ويا، ڪافي ڏينهن تائين اهو سلسلو هلندو رهيو.
آخرڪار رمضان شريف جي 17 هين رات اچي وئي، پيارا محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم غارِ حِرا ۾ ئي موجود هئا ته الله پاڪ جي حڪم سان حضرت جبريلِ امين عَلَیْہِ السَّلَام پهرين وحي کڻي نازل ٿيا. ان وقت سيپاري: 30، سورة علق جون ابتدائي چند آيتون نازل ٿيون، ارشاد ٿيو:
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِیْ خَلَقَۚ(۱) خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍۚ(۲) اِقْرَاْ وَ رَبُّكَ الْاَكْرَمُۙ(۳) الَّذِیْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِۙ(۴) عَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ یَعْلَمْؕ(۵) (پارہ:30، سورۂ علق:1-5)
ترجموڪنزالعرفان: پنهنجي رب جي نالي سان پڙهه جنهن پيدا ڪيو. انسان کي رت جي دِڳَ مان ٺاهيو. پڙهه ۽ تنهنجو رب ئي سڀ کان وڏو ڪريم آهي. جنهن قلم سان لکڻ سيکاريو. انسان کي اهو سيکاريو جيڪو اهو نه ڄاڻيندو هو.
پيارا اسلامي ڀائرو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي زندگي مبارڪ جي هي جيڪا بابرڪت گھَڙِي هئي جنهن ۾ پهرين وحي نازل