Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
ڪيو، هن جو اهو ئي درهم قبول ٿيو ۽ الله پاڪ هن کي مالا مال ڪري ڇڏيو. تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته آمدني ڀلي ڪيتري به ٿوري هجي، ڀلي 10 رپيا ئي ڇو نه هجي، صدقو ضرور ڪندا رهو.
حديث شريف جي مطابق * صدقو گناهن کي
اهڙيءَ طرح مٽائي ڇڏيندو آهي جيئن پاڻي
باهه کي وسائي ڇڏيندو آهي([1]).* صدقو جهنم جي باهه کان بچائيندو آهي حديث پاڪ ۾ آهي جيڪو
الله پاڪ جي رضا لاءِ صدقو ڪندو آهي ته اهو صدقو ان جي ۽ باهه جي وچ ۾ پردو بڻجي
ويندو آهي.([2])
* صدقو الله پاڪ جي غضب کي ٿڌو ڪري ڇڏيندو آهي ۽ بري موت کي
پري ڪندو آهي ([3]) * صدقو ڪندڙ
قيامت جي ڏينهن پنهنجي صدقي جي ڇانوَ ۾ هوندو([4]) * صدقو برائي
جا 70 دروازا بند ڪري ڇڏيندو آهي([5]) * صدقو قبر جي
گرميءَ کان بچائيندو آهي([6]).* مسلمان جو صدقو ان جي عمر ۾ واڌارو ڪندو آهي([7])* صدقو 70 قسمن جي مصيبتن کي
روڪيندو آهي. ([8])
* آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: ”صدقو ڏيڻ ۾ جلدي ڪيو، ڇو ته بلا صدقي کان اڳتي ناهي وڌندي.“ ([9])
[1]...ابن ماجہ، کتاب:الفتن، صفحہ:649، حدیث:3973۔
[2]...معجم کبیر، جلد:10، صفحہ:409، حدیث:20584۔
[3]...ترمذی، کتاب الزکاۃ، صفحہ:189، حدیث:664۔
[4]...سُنَن کُبْریٰ لِلْبَیْھِقِیْ، کتاب:الزکاۃ، جلد:4، صفحہ:379، حدیث:7751۔
[5]...معجم کبیر، جلد:3، صفحہ:148، حدیث:4276۔
[6]...شُعبُ الْاِیْمَان، باب:الزکاۃ، جلد:3، صفحہ:212، حدیث:3347۔
[7]...معجم کبیر، جلد:6، صفحہ:440، حدیث:13508۔
[8]...تَارِیْخَ بَغْدَاد، حارث بن مرۃ، جلد:8، صفحہ:204، رقم:4326۔
[9]...مَشْکَاۃُ المَصَابیح، کتاب:الزکاۃ، جزء:1، جلد:1، صفحہ:359، حدیث:1887۔