Duniya 4 Logon Ki Hai

Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai

اندر تمام گهڻي اونداھ هئي، گَپ به هئي، پوءِ به اهو اڳتي وڌندو ويو، اوچتو ان کي ڪنهن جي ساھ کڻڻ جو احساس ٿيو، اُن انداهي ۾ هٿ پير هنيا ته هي ڪو انساني بدن هيو، ان اِبن جُدعان کي آواز ڏني، اِبن جُدعان اڃا زندھ هيو، پاڙيسري پنهنجي مُحسن جي مدد ڪئي ۽ ان کي غار مان ڪڍي ڪري گهر آندو، گهر اچي ڪري ان پڇيو: اي اِبن جُدعان! تون اُن غار ۾ تقريباً هڪ هفتو بند رهين، ايترا ڏينهن تون بغير کائڻ پيئڻ جي زندھ  ڪيئن رهين؟ اِبن جُدعان چيو: انڌيرو تمام گهڻو هيو، مون کي ڪجھ نظر ته نه آيو، البت روزانو منهنجي وات جي قريب کير جو هڪ پيالو ايندو هيو، مان ان کي پي وٺندو هيس، انهيءَ سهاري زندھ رهيس پر گذريل ٻن ڏينهن کان خبر ناهي ڇو اهو کير جو پيالو اچڻ بند ٿي ويو هيو. پاڙيسري چيو: مان سمجهي ويس، تو مونکي ڏاچي تحفي ۾ ڏني هئي، 2 ڏينهن پهريان تنهنجا پٽ اها ڏاچي مون کان واپس وٺي ويا. توهان جي ڏنل ڏاچي جو کير اسان غريب اُتي پيئندا هئاسين، ان جو بدلو توکي هِتي غار ۾ ملي رهيو هيو.

مجھے ایسے عمل کی دے توفیق                                                                                                                       کہ  ہو  راضی  تری  رضا یاربّ!([1])

 سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي صدقي ۽ خيرات جو فائدو...!! اسان کي گهرجي ته ڪجهه نه ڪجهه صدقو ڪندا رهون ڪهڙي خبر! ڪهڙي مصيبت، يا ايندڙ مشڪل هن جي برڪت سان دور ٿي  وڃي.

هڪ ٻيو خوبصورت واقعو ٻڌو !

                    مال ۾ واڌارو ٿي ويو

بني اسرائيل ۾ هڪ شخص هو، ويچارو تمام گهڻو غريب هو. هڪ ڀيرو انهن تي اهڙو وقت آيو جو 3 ڏينهن تائين ڪجهه به نه کاڌائين. آخر ۾ ٽئين ڏينهن


 

 



[1]... ذوقِ نعت ،صفحہ:85۔