Duniya 4 Logon Ki Hai

Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai

تفسير صراط الجنان ۾ آهي: راہِ خدا ۾ خرچ ڪرڻ وارن جي فضيلت هڪ مثال ذريعي بيان ڪئي پئي وڃي، ته اهو ايئن آهي جيئن ڪو ماڻهو زمين ۾ هڪ داڻو ٻج پوکيندو آهي جنهن مان 7 سَنگَ ڦٽندا آهن ۽ هر سنگ ۾ 100 داڻا پيدا ٿيندا آهن. ڄڻ هڪ داڻو ٻج طور وجهڻ وارو 700 دفعا وڌيڪ حاصل ڪندو آهي، اهڙي طرح جيڪو شخص راھِ خدا ۾ خرچ ڪندو آهي، الله پاڪ اُن کي سندس اخلاص مطابق 700 ڀيرا وڌيڪ ثواب عطا فرمائيندو آهي ۽ اها به ڪا حد ناهي، ڇو ته الله پاڪ جا خزانا ڀريل آهن ۽ اهو ڪريم ۽ جواد آهي، جنهن کي چاهي، ان کان به وڌيڪ ثواب عطا ڪري.[1]

غار   ۾   کير ڪنهن پُڄايو......؟

 اڄ کان تقريباً ٻه سو سال پهريان جو واقعو آهي، عرب جي ڪنهن ڳوٺ جو رهڻ وارو هڪ شخص هيو، جنهن جو نالو اِبۡن جُدعان هيو، بهار جي موسم ۾ هڪ ڀيرو اهو پنهنجي اُٺن جي واڙي ۾ آيو ته ڏٺائين: سندس اُٺ ٿلها ۽ صحتمند ٿي ويا آهن. هڪ ڏاچي ته تمام گهڻي صحتمند هئي، ان ۾ کير به تمام گهڻو لٿل هيو، هي ڏسي ڪري ان شڪر مان مٿو جهڪائي ڇڏيو. پوءِ اچانڪ ان کي سيپاري: 4 سورت آل عمران جي هي آيتِ ڪريمه ياد آئي:

لَنْ  تَنَالُوا  الْبِرَّ  حَتّٰى  تُنْفِقُوْا  مِمَّا  تُحِبُّوْنَ  ﱟ (پارہ:4،سورۂ آلِ عمران:92)

ترجموڪنزالعرفان:  توهان هرگز ڀلائي کي حاصل نه ڪري سگهندؤ جيسيتائين خدا جي راھ ۾ پنهنجي پياري شيءِ خرچ نه ڪيو.


 

 



[1] صراط الجنان، پارہ:3، سورۂ بقرہ، زیرِآیت:261، جلد:3، صفحہ:452 ۔