Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
دعوتِ اسلامي جي شعبن جو تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! توهان جي پنهنجي ديني تحريڪ، دعوت اسلامي، هن وقت 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت ۾ مصروف آهي. الحمدلله ! * ڪنز المدارس بورڊ جي نالي سان دعوت اسلامي جو پنهنجو تعليمي بورڊ آهي. *تقريباً 16 هزار 500 کان وڌيڪ جامعَاتُ المدينه (بوائز ۽ گرلز) قائم آهن، جتي حفظ، ناظره، عالم ڪورس (درس نظامي)، مختلف تَخَصُّصَات (Specializations)، ۽ فرض علوم ڪورس ڪرايا ويندا آهن، جامعات ۽ مدارسُ المدينه (بوائز ۽ گرلز) ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو انگ تقريباً 5 لک 23 هزار آهي. * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن کي قرآن پاڪ جي تعليم ڏيڻ لاءِ هن وقت تائين 68 هزار کان وڌيڪ مدارسُ المدينه بالغان ۽ بالغات قائم ڪيا ويا آهن، جتي پڙهندڙن جو تعداد تقريباً 4 لک آهي. * فيضان آن لائن اڪيڊمي ذريعي تقريباً 24 هزار طلبا ۽ طالبات ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. *هن وقت تائين تقريباً 21 دارالافتاء اهل سنت قائم ڪيا ويا آهن، جتي هر مهيني تقريباً 20 هزار شرعي مسئلن جي رهنمائي ڪئي ويندي آهي. * المدينة العلميه (اسلامڪ ريسرچ سينٽر) ذريعي ديني ادب تي تحقيقي ڪم جاري آهي، الحمدلله! هن وقت تائين1784 ڪتابن ۽ رسالن تي ڪم ٿي چڪو آهي هن شعبي ۾ ڪيترائي مدني علماءِ ڪرام خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن الله پاڪ جي ڪرم سان دعوتِ اسلامي انهن مدني عالمن کي باقاعده پگهارون ڏيندي آهي * ديني ڪتابن کي شايع ڪرڻ لاءِ دعوت اسلامي پنهنجو اشاعتي ادارو مڪتبة المدينه قائم ڪيو آهي، جتي بهترين ۽ خوبصورت انداز سان ڪتاب ڇپيا ويندا آهن تقسيمِ رسائل (يعني ڪتابن ۽ رسالن جي مفت ورهاست) جي به ترڪيب آهي، ان سان