Book Name:Muallim e Kainat
پيارا اسلامي ڀائرو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي پڙهائڻ جو، سمجهائڻ جو، علمِ دين سيکارڻ جو پيارو پيارو انداز ڪهڙو هو، ان جو هڪ واقعو ٻڌندا! بخاري شريف ۾ روايت آهي: هڪ ڀيري هڪ ڳوٺاڻي بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: اسان وٽ هڪ اهڙي ٻار جي پيدائش ٿي آهي جنهن جي شڪل ۽ رنگ مون سان نه ٿو مِلي، ان ڪري منهنجو خيال آهي ته هي ٻار منهنجو ناهي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم فرمايو: ڇا توهان وٽ اُٺ آهن؟ چيائين: جي ها! کوڙ آهن. فرمايائون: ڪهڙي رنگ جا آهن. چيائين: ڳاڙهي رنگ جا. پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم وري پڇيو: انهن اٺن ۾ ڪو مٽيالي رنگ جو به هوندو؟ چيائين: جي ها! ڪجھ اُٺ مٽيالي رنگ جا به آهن. فرمايائون: ٻڌايو ڳاڙهن اُٺن جي نسل ۾ مٽيالي رنگ جا اُٺ ڪيئن پيدا ٿي ويا؟ ڳوٺاڻي عرض ڪيو: ڳاڙهن اُٺن جي ابن ڏاڏن ۾ ڪو مٽيالي رنگ جو اُٺ رهيو هوندو، ان جي رڳ هن کي پنهنجي رنگ ۾ ڇڪي ورتو هوندو. هي ٻڌي ڪري پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم فرمايو: پوءِ هي به ته ممڪن آهي ته توهان جي ابن ڏاڏن ۾ به ڪو ڪاري رنگ جو گذريو هجي، ان جي رڳ توهان جي ٻار کي پنهنجي رنگ ۾ ڇڪي ورتو هوندو، ان ڪري هي ٻار ان جو هم شڪل ٿي ويو آهي.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! حيرت جي ڳالھ آهي، ڪيتري قدر نرالو انداز آهي، اهو ڳوٺاڻو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي خدمت ۾ ڪيڏو وڏو اشڪال کڻي آيو هو اسان وٽ به ائين ٿي ويندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن سامهون وارو اهڙو سوال ڪندو