Book Name:Muallim e Kainat
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا ڀاءَ مولانا حَسَن رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:
کُھلِیں اسلام کی آنکھیں، ہوا سارا جہاں روشن
عرب کے چاند صدقے! کیا ہی کہنا تیری طلعت کا([1])
وضاحت: اي پيارا محبوب! اي عربَ جا چنڊَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم! مان اوهان تان صدقي وڃان، اوهان اعلانِ نبوت ته فرمايو، اسلام جي برڪت سان پوري دنيا روشن ٿي وئي.
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم مُعلم بڻجي ڪري تشريف کڻي آيا، ان ۾ اسان جي لاءِ ترغيب آهي، اسان کي به گهرجي ته مُعلم بڻجڻ جي ڪوشش ڪريون، علمِ دين سکندا به ڪريون ۽ ٻين کي سيکاريندا به ڪريون. روايت ۾ آهي: كُنْ عَالِمًا أَوْ مُتَعَلِّمًا أَوْ مُحِبًّا أَوْ مُتَّبَعًا يعني * عالم بڻجو * يا طالبِ علم بڻجو * يا انهن سان محبت ڪرڻ وارا بڻجو * يا انهن جي پيروي ڪرڻ وارا بڻجو.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! هي جذبو اسان کي اپنائڻو پوندو، هي ضروري آهي، نهايت ئي ضروري آهي. هڪ سبق آموز حديثِ پاڪ ٻڌندا! عرب جو هڪ