Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

جيئن ئي ٻار جو کير ڇڏرايو وڃي، ماءُ آزاد ٿي ويندي آهي، هاڻي ان جي کائڻ پيئڻ جو ٻار تي اَثَر ناهي ٿيندو 2: ماءُ ۽ ٻار جو هي تعلق ٻار جي دُنيا ۾ اچڻ کان بعد ٿيندو آهي 3: ٽيون هي ته ماءُ جي کائڻ پيئڻ جو ٻار تي صِرف جسماني اَثَر ٿيندو آهي، روحاني اَثَر ناهي ٿيندو يعني ماءُ جي بدپرهيزي کان ٻار جي طبيعت ته خراب ٿي سگھي ٿي پر ٻار جو عقيدو خراب ناهي ٿيندو۔ قربان وڃو! اسان جي آقا و موليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پنهنجي اُمّت سان تعلق ماءُ جي تعلق کان به زياده گهرو آهي، يقيناً قيامت تائين ايندڙ تمام عاشقانِ رسول حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اُمّتي آهن، انهن مان لکين ڪروڙين بلڪ اربين اُمّتي اڃا عالَمِ ارواح ئي ۾ هئا، دُنيا ۾ آيا ئي نه هئا، ان جي باوُجُود معراج واري مصطفيٰ، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ معراج جي رات کير قبول فرمايو ته اُمّت تي ان جو جسماني نه بلڪه روحاني اَثَر ٿيو، اُمّت گمراهي کان بچي وئي بلڪ هي ته پيئڻ جي ڳالھ آهي، اسان جي آقا و موليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اُمّت سان تعلق ته ايترو گهرو آهي جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آواز ڏيندڙ ٻن ڪافِرن جي طرف تَوَجُّھ نه فرمايو ته ان جي برڪت سان اُمّت ڪفر و شرڪ کان محفوظ ٿي وئي، يعني جانِ ڪائنات، فَخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو صِرف تَوَجُّھ فرمائڻ يا نه فرمائڻ جو ايترو اَثر آهي جو حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تَوَجُّھ ڪن ها ته اُمّت ڪفر و شرڪ ۾ مبتلا ٿي وڃي ها، حُضُورِ اڪرم، نورِ مجسم
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تَوَجّھ نه فرمايو ته اُمّت ڪفر کان به بچي وئي، شِرڪ کان به محفوظ ٿي وئي۔ سُبْحٰنَ الله! ڪنهن شاعِر تمام سٺو چيو آهي:

روک لیتی ہے آپ کی نسبت تیر جتنے بھی ہم پہ چلتے ہیں

یہ کرم ہے حُضُور کا ہم پر آنے والے عذاب ٹلتے ہیں

اب کوئی کیا ہمیں گرائے گا، ہر سہارا گلے لگائے گا

ہم نے خود کو گرا دیا ہے وہاں، گرنے والے جہاں سنبھلتے ہیں