Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
ڪيائين: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! پهريون شخص (جنهن سڏيو هو، هو) يهودي هو، جيڪڏهن اوهان ان جي پُڪار جو جواب ڏيو ها ته اوهان جي اُمَّت يهودي ٿي وڃي ها، ٻي شخص جي باري ۾ عرض ڪيائين: هي نصراني هو، جيڪڏهن اوهان ان جي پُڪار جو جواب ڏيو ها ته اوهان جي اُمَّت نصراني ٿي وڃي ها ۽ سنوريل سينگاريل ٻڍڙيء بابت عرض ڪيائين: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هي دُنيا هئي، جيڪڏهن اوهان هن جي پُڪار جو جواب ڏيو ها ته اوهان جي اُمَّت آخرت کي ڇڏي دُنيا کي اپنائي وٺي ها۔([1])
پوءِ جڏهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مسجدِ اَقصيٰ ۾ پهتا، هتي آقاءِ نامدار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اُڃ محسوس ٿي، ان ڪري پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمت ۾ 3 پيالا پيش ڪيا ويا، انهن مان هڪ ۾ کير، ٻي ۾ پاڻي ۽ ٽئين ۾ پاڪيزه شراب هئي، رحمت واري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کير جو پيالو قبول فرمايائون۔ ان تي حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيائين: يارسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان فِطرت کي اختيار فرمايو، جيڪڏهن اوهان شراب جو پيالو قبول فرمايو ها ته اوهان جي اُمَّت گمراھ ٿي وڃي ها، انهن مان تمام گھٽ ماڻهو اوهان جي پيروي اختيار ڪن ها ۽ جيڪڏهن اوهان پاڻي جو پيالو قبول فرمايو ها ته اوهان جي اُمّت غرق ڪئي وڃي ها۔([2])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! معراج جي رات اسان جي آقا و موليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان تي ڪيڏي نوازش فرمائي، معراج جي رات ڄڻ اُمّت جي قسمت جو فيصلو ٿي رهيو هو، خدانخواسته جيڪر حُضُورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن ٻن ڪافِرن ڏانهن تَوَجُّھ فرمائن ها ته اُمّت ڪفر و شرڪ ۾ مبتلا ٿي وڃي ها، خدانخواسته جيڪڏهن اسان جا آقا، مديني