Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
رات ڪجھ خاص ڳالھ هئي، اڄ حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام جيڪو پيغام کڻي حاضِرِ خِدمت ٿيا هئا، اهو پيغام نه پهريان ڪڏهن آندو هو، نه قيامت تائين ڪڏهن ٻيهر آڻيندا، اڄ الله پاڪ پنهنجي سڀ کان محبوب نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي ملاقات جي لاءِ گھرايو آهي، ان رات جو هي پيغام نِرالو پيغام هو۔ علَّامه قسطلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل فرمائن ٿا: حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام جڏهن معراج جي خوش خبري ٻڌائڻ جي لاءِ بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيا ته عرض ڪيائون: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! بادشاهن جي عادَت آهي ته جڏهن هو پنهنجي محبوب سان ملاقات جو ارادو ڪن ٿا ته سڏڻ جي لاءِ سڀ کان قريبي کي موڪلين ٿا، يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان اوهان کي گڏ وٺي وڃڻ لاءِ آيو آهيان ته جيئن منهنجو شُمار به اوهان جي خادمن جي صَف ۾ ٿي وڃي۔([1])
الله اَڪبَر! اي عاشقانِ رسول! اها ڪيتري عظيم نوازش آهي، جيڪا اڄوڪي رات حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام تي ٿي، ملائڪ ته لکين ڪروڙين، اربين کربين هئا پر محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمت ۾ خاص پيغام پهچائڻ جي لاءِ حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام کي چونڊيو ويو، هي ڄڻ حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام جي مِعراج هئي، ان ڪري پاڻ جڏهن بارگاھ رسالت ۾ پيغام وٺي حاضِر ٿيا، ڏٺائون ته جانِ عالَم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آرام فرما آهن ته حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام ڪمال ادب سان نوراني قدمن تي پنهنجي نُوراني چپن سان چُمي ڏنائون۔
اي عاشقانِ رسول! سُبْحٰنَ الله! مرحبا! شانِ مصطفيٰ جي ڇا ڳالھ ڪجي، عاشق جي نگاھ عاشق ئي جي هوندي آهي، هڪ سچي عاشق جي سوچ جيستائين پهچي ويندي آهي، عام ماڻهو اوستائين نٿا سوچي سگھن، جيئن عاشقِ ماھ رسالت، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪمال ئي ڪيو آهي، پاڻ فرمائن ٿا:
تاجِ رُوْحُ الْقُدْس کے موتی جنہیں سجدہ کریں رکھتی ہیں کتنا وقار اللہ اکبر ایڑیاں