Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

جو رُخ فرمايو، ڏسندي ئي ڏسندي پهريون آسمان آيو، دروازو کُليو، حضور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) مٿي تشريف کڻي ويا، ٻيو آسمان آيو، دروازو کُليو، حضور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) مٿي تشريف کڻي ويا، وري ٽيون آسمان، پوءِ چوٿون آسمان، پوءِ پنجون، پوءِ ڇهون، پوء ستون، ائين آسمان ايندا ويا، دروازا کُلندا ويا، حُضُورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مٿي تشريف کڻي ويندا ويا، ايستائين جو سِدْرَةُالمُنتهيٰ تي پهتا، هتي اچي جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام ادب سان عرض ڪيائين: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجي خدمت ايستائين ئي هئي، هن کان اڳتي جيڪر هڪ قدم به وڌائيندس ته منهنجا پر سڙي ويندا۔([1])        

الله اڪبر! حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام نُور آهن، اسان جا آقا و موليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به نُور آهن پر فرق ڏسو! جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام اڳتي وڌندا ته پر سڙي ويندا، نُور وارا آقا، معراج وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اڳتي وڌن ٿا ته جسم مبارڪ تي پاتل مبارڪ لباس جو هڪ ڌاڳو به نٿو سڙي۔ خبر پئي؛ حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيئن بَشر هئڻ ۾ بي مثال آهن، ائين ئي نُور هئڻ ۾ به بي مثل ۽ بي مثال آهن، جيڪي آهن ئي نُوراني مخلوق اُنهن ۾ به اسان جا آقا، امام الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جهڙو ڪو نه آهي۔

یہ شاہ نے پائی سعادت ہے خالِق نے عطاکی زیارت ہے                         جب ایک تجلّی پڑتی ہے موسیٰ تو غش کھاجاتے ہیں

جِبریل ٹَھہَر کرسِدرہ پر بولے جو بڑھے ہم ایک قدم                                     جل جائیں گے سارے بال وپَر اب ہم تو یہیں رہ جاتے ہیں

یہ عِزّ    وجلال  اللہ اللہ!  یہ  اَوج  وکمال  اللہ اللہ!                        یہ  حُسن  وجمال اللہ اللہ ! مِعراج  کو  دولہا جاتے ہیں

اي عاشقانِ رسول! سِدْرَةُ الْمُنْتَهٰي کان اڳتي حُضُورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اڪيلا تشريف وٺي ويا، مقامَ ايندا رهيا، گذرندا رهيا، آخر مڪينِ لامڪان، سلطانِ دوجهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عرشِ اعظم تي تشريف کڻي آيا، هاڻي هتي عرشِ اعظم تي نوازشات جي بارش ٿي۔ جيئن مَوَاهبُ اللَّدُنْيه ۾ آهي: الله


 

 



[1]...مواہب اللدنیہ، جلد:2، صفحہ:381۔