Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
زهي نصيب جو اسان به هن اداءِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ادا ڪندي اڄ رات ۾ ڪنهن به وقت ٻه رڪعت نماز ادا ڪيون ۽ ان ۾ اهي ٻه سورتون (سورت ڪافِرون ۽ سورت اِخْلاص) پڙھون۔ نيت نيڪ هوندي ته اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! الله پاڪ گھڻو اَجر عطا فرمائيندو۔
بهر حال! پياري آقا، امامُ الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام کي نماز پڙھائي، ان کان بعد انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام واري واري سان خطبو ارشاد فرمايائون۔ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام خطبو ڏيندي فرمايائون: اَلْحَمْدُ لِلهِ الَّذِىْ اتَّخَذَنِي خَلِيْلًا تمام ساراھ ان الله پاڪ جي لاءِ جنهن مون کي پنهنجو خليل بڻايو۔ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام خطبو ڏيندي فرمايائون: اَلْحَمْدُ لِلهِ الَّذِىْ كَلَّمَنِى تَكْلِيْمًا تمام ساراھون ان الله پاڪ جي لاءِ جنهن مون کي پنهنجي ڪلام سان شرف بخشيو۔
حضرت داؤد عَلَيۡهِ السَّلَام جو وارو آيو، پاڻ فرمايائون: اَلْحَمْدُ لِلهِ الَّذِىْ خَوَّلَنِي مُلْكًا تمام ساراهون ان الله پاڪ جي لاءِ جنهن مون کي سلطنت عطا فرمائي۔ ائين ٻيا نبي سڳورا عَلَيۡهِمُ السَّلَام ايندا رهيا، خطبو ڏيندا رهيا، الله پاڪ انهن تي جيڪي انعامات عطا ڪيا، انهن انعامات جو تذڪرو فرمائي الله پاڪ جي حمد و ثنا بيان ڪندا رهيا، آخر ۾ اسان جي آقا، امامُ الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خطبو ارشاد فرمايو۔ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هيئن الله پاڪ جي حمد و ثنا بيان ڪئي: اَلْحَمْدُ لِلهِ الَّذِىْ أَرْسَلَنِىْ رَحْمَةً لِّلْعَالَمِيْن سموري ساراھ ان الله پاڪ جي لاءِ جنهن مون کي تمام جهانن جي لاءِ رحمت بڻائي موڪليو، انهيء خطبي دوران پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون: وَجَعَلَ أُمَّتِىْ خَيْرَ أُمَّةٍ أُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ، وَجَعَلَ أُمَّتِىْ أُمَّةً وَّسَطاً، وَجَعَلَ أُمَّتِىْ هُمُ الْأَوَّلُوْنَ وَهُمُ الْآخِرُوْنَ يعني تمام ساراهون ان الله پاڪ جي لاءِ آهن جنهن منهنجي اُمّت کي بهترين اُمّت بڻايو جيڪا ماڻهن جي لاءِ ڪڍي وئي، تمام ساراهون ان الله پاڪ جي لاءِ آهن جنهن منهنجي اُمّت کي سڀ کان افضل اُمّت بڻايو، تمام ساراهون ان الله پاڪ جي لاءِ جنهن منهنجي اُمّت کي اَوَّل به بڻايو (جو منهنجي اُمّت سڀ کان پهريان جنّت ۾ ويندي) ۽ منهنجي اُمّت کي آخر به بڻايو (جو اها اُمّت دُنيا ۾ اچڻ جي اعتبار سان آخري اُمّت آهي)۔([1])