Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
حل نه پئي ٿيا، پوءِ جڏهن پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُنيا ۾ موڪليا ويا ته ملائڪن ڄاڻي ورتو ته هي اها هستي آهي جيڪي اسان جي مسئلن جو حل فرمائيندا۔ پوءِ ملائڪن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ نهايت عاجزي سان دُعا گھري، الله پاڪ انهن جي دُعا قبول فرمائي ۽ پنهنجي محبوبِ ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مقامِ قابَ قَوْسَين تي گھرايو۔
هاڻي ان کان اڳتي ڇا ٿيو؛ هن باري ۾ خُود اسان جي آقا و موليٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ فرمان ٻڌو! سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون: مان پنهنجي رب کي اَحۡسَن صُورت ۾ ڏٺو، الله پاڪ فرمايو: اي محبوب (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! مَلاءِ اَعليٰ جا ملائڪ ڪن مَسئلن ۾ بحث ڪري رهيا هئا؟ مون عرض ڪيو: ياالله پاڪ! تون ئي بهتر ڄاڻين ٿو۔ پوءِ الله پاڪ پنهنجو دَستِ قُدرت(قدرت وارو هٿ) منهنجي ڪلهن جي وچ ۾ رکي ڇڏيو (الله پاڪ جو دَستِ قُدرت ڪيئن آهي؟ هي ته الله پاڪ بهتر ڄاڻي يا ان جا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڄاڻن، البت حُضُورِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا:) مون الله پاڪ جي دستِ قُدْرت جي ٿڌاڻ پنهنجي سيني ۾ محسوس ڪئي، هاڻي الله پاڪ وري اهو ئي سوال پڇيو، فرمايائين: اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مَلاءِ اَعليٰ جا ملائڪ ڪن مَسئلن ۾ بحث ڪري رهيا آهن؟ مون عرض ڪيو: يا الله پاڪ! 4 مسئلا آهن، ملائڪ ان کي حل نه پيا ڪري سگھن، الله پاڪ فرمايو: اي پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان سچ چيو۔ هاڻي الله پاڪ مَلَاءِ اعليٰ جي ملائڪن کي فرمايو: يا مَلَائِڪَتِي! وَجَدْتُّمْ حَلَّالَ الْمُشْڪِلات اي منهنجا ملائڪو! توهان مشڪلات حل ڪرڻ واري کي ڏسي ورتو آهي، فَاسْئَلُوْا اَشْڪَالَڪُمْ يعني اهي مسئلا جن کي توهان حل نه پئي ڪري سگھيا، اڄ منهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان اهي مسئلا پڇي وٺو...! ([1])
سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! نوازشاتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو انداز ڏسو! ملائڪ 1000 سال کان جن مَسئلن ۾ غور و فِڪر ڪري رهيا هئا ۽ ڪو حَل نه