Book Name:Narmi Kesay Paida Karain
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! حضرت سيدُناعمر فاروقِ اعظم رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه ڪهڙي طرح پنهنجي سخت مزاج کي تبديل ڪيائون جنهن جي ڪري پاڻ رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه ماڻهن جي وچ ۾ رحم دل، شفقت ڪرڻ وارا ۽ محبت ڪرڻ وارا مشهور ٿي ويا جڏهن ته اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي معاشري جو جائزو وٺون ته اسان جي معاشري ۾ نرمي جي جڳھ هاڻي اجائي سختي وڌي آهي، اهو ئي سبب آهي ته ماڻهن جي هڪ تعداد کان خير خواهي، رحم دلي ۽ حُسنِ سلوڪ جو جذبو به ختم ٿي رهيو آهي۔ اسان جا مزاج ان وسامندڙ چڻنگ جيان ٿي چڪا آهن جنهن کي هوا جو هلڪو جھوٽو ٻيهر باھ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي۔ ڳالھ ڳالھ تي وڙهڻ، ننڍين ننڍين غلطين تي تپي باھ ٿيڻ ۽ مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي وڃڻ، اهو سڀ اسان جي معاشري ۾ عام ٿيندو پيو وڃي جنهن جو بنيادي سبب نرمي جو ختم ٿيڻ آهي۔ ياد رکو! نرمي هڪ نهايت ئي پياري صفت آهي جيڪا انسان کي رحم تي اُڀاريندي آهي، ظلم کان روڪندي آهي، تَڪبُّر کان بچائيندي آهي ۽ عاجزي تي اُڪسائيندي آهي۔ زندگي جو ويران کنڊر به نرمي جي سبب عاليشان محل ۾ تبديل ٿي سگھي ٿو۔ نرمي پيدا ڪرڻ جي لاءِ لازم آهي ته دل کي نرم ڪريو ڇوته دل انساني عضوئن جي بادشاھ آهي، جڏهن اها نرم ٿي وئي ته اسان جي ڪردار ۾ از خود نرمي پيدا ٿي ويندي۔ اچو! دل ۾ نرمي ڪيئن پيدا ٿئي ان باري ۾ ڪجھ طريقا ٻڌون ٿا۔۔۔۔۔
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن هر وقت ذڪر و درود ۾ مشغول رهندا ته