Book Name:Narmi Kesay Paida Karain

مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ جن ماڻهن تي ڪرم ڪندو آهي انهن جي دلين ۾ نرمي پيدا ڪندو آهي، اهي ماڻهن تي نرمي ڪندا آهن جنهن سبب انهن جي عزت ويتر وڌي ويندي آهي ۽ جن ماڻهن تي الله پاڪ قهر ڪندو آهي انهن جي دلين کي نرمي کان محروم ڪندو آهي، ان جون دليون سخت ٿي وينديون آهن، ماڻهن سان سختي سان پيش ايندا آهن۔(مرآۃ المناجيح ،۶/۶۵۴) عام طور هن ڳالھ جو مشاهدو به آهي ته جيڪو سخت مزاج هوندو آهي اهو ماڻهن جي دل کٽڻ ۾ ناڪام رهندو آهي جڏهن ته نرم دل شخص هر دل عزيز هوندو آهي۔ اچو! هن باري ۾ امير المُؤۡمِنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه جي سيرت طيبه مان مدني گل ميڙڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا جيئن ته

سخت مزاجي ۽ سخت دلي کان نفرت:

اميرالمؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه کي معلوم هو ته ماڻهو منهنجي سختي کان خوفزده رهن ٿا ان ڪري پاڻ رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه پنهنجي ان مزاج کي گھڻي حد تائين بدلڻ جي ڪوشش ڪئي۔ بيان ڪيو ويندو آهي ته جيئن ئي خلافت واري منصب تي فائز ٿيا ته بارگاھ الٰهي ۾ اها دعا گھريائون:’’ ياالله! مان سخت آهيان تون مون کي نرم ڪر۔“ سندن اها دعا قبول ٿي ۽ سندن جي ذات گرامي شفقت، نرمي ۽ مهرباني سان معمور ٿي وئي اهي تمام ڳالهيون سندن خاص صفتون ٿي ويون۔ عهدِ رسالت ۽ عهدِ صديقي ۾ ماڻهو صرف سندن سختي کان واقف ها پر خلافت واري زماني ۾ ماڻهن جي ويجھوسندن جهڙي رحم دل شخصيت ڪا نه هئي، هر طرف سندن شفقت ۽ محبت ئي جا چرچا هئا۔

(فيضان فاروق اعظم ،۲/۴۷ ملتقطا)