Book Name:Faizan e Sayeduna Imaam Bukhari

امام بخاري جي والدِ مُحتَرَم جو مُختَصر تعارُف

امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا والد سڳورا تمام وڏا ممتاز بُزرگ ۽ زَبَردَست عالِمِ دين هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه امام بُخاري جي اُستاد حضرت سَيدُنا عَبدُاللہ  بِن مبارَڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صُحبت ۾ رهندا هئا، پاڻ صاحبِ روايت مُحَدِّث هئا، پاڻ حضرت سَيدُنا عَبدُاللہ  بن مبارَڪ، حضرت سَيدُنا امام مالِڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهما، انهن جي شاگردن ۽ اُن زماني جي مُحَدِّثن کان روايت ڪندا هئا، نهايت ئي مُستَجَابُ الدَّعوَات بزرگ هئا (يعني سندن دعائون تمام گھڻيون مقبول ٿينديون هيون)، ائين جو بارگاھ خداوندي ۾ عَرض ڪندا هئا ته منهنجون سڀ دعائون دنيا ئي ۾ نه قَبول ڪر ڪجھ آخرت جي لاءِ رهڻ ڏي، حلال کائڻ جا اهڙا پابند هئا جو حرام ته رهيو پري، پر مشڪوڪ شين کان به بچندا هئا، ايستائين جو وِصالِ ظاهري وَقت فرمايائون: مون وٽ جيترو به مال آهي اُن ۾ هڪ دِرهم به شڪ ۽ شُبهي وارو نه آهي۔  (نزهۃ القاري۱/۱۰۷،ملخصاً)(ارشاد الساري، ترجمۃ الامام بخاري، ۱/۵۵)

امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اکين جو نور موٽي آيو

امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اڃا ننڍي عمر جا هئا جو سندن والِد سڳورن جو وصال ٿي ويو ۽ پوءِ پرورش جون سموريون ذِمَّه داريون سندن والِده ماجِده سنڀاليون۔ ننڍپڻ ۾ امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اکين جي روشني ويندي رهي۔ امڙ سائڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها هن صَدمي مان روئينديون رهيون ۽ ٻاڏائي دعا گھرنديون هيون۔ هڪ رات ننڊ ۾ قسمت جو تارو چمڪي پيو، دل جون اکيون کلي پيون، خواب ۾ ڏٺائين ته حضرت سيدُنا اِبراهيم خليلُ اللہ  عَلَيه السَّلَام تشريف فرما ٿيا آهن ۽ فرمائي رهيا آهن ته ”اوهان پنهنجي پٽ جي نور جي واپَسي جي لاءِ دعائون گھرنديون رهنديون آهيو۔ مبارَڪ هجي جو اوهان جي دعا قَبول ٿي چڪي آهي، اللہ  پاڪ اوهان جي پٽ جي اکين جو نور موٽائي ڏنو آهي۔“ جڏهن