Iman Ki Hifazt

Book Name:Iman Ki Hifazt

سال جا روزا رکيا۔ جو جيڪو هڪ نيڪي آڻيندو ان کي ڏهه ملنديون۔ ( ابن ماجه،کتاب الصيام،باب الصيام ستۃ ايام …الخ،۲/۳۳۳، حديث:۱۷۱۵)

خليلِ ملّت حضرت علامه مولانا مفتي محمد خليل خان قادري برڪاتي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  فرمائن ٿا: هي روزا عيد کان پوءِ لڳاتار رکيا وڃن تڏهن به حرج ناهي ۽ بهتر هي آهي ته متفرق (يعني وقفو ڪري) رکيا وڃن يعني هر هفتي ۾ ٻه روزا ۽ عيد الفطر جي ٻئي ڏينهن هڪ روزو رکي وٺي ۽ پوري مهيني ۾ رکي ته اڃان به مناسب(Suitable معلوم ٿئي ٿو۔ (سنّي بهشتي زيور ص 347) مطلب ته عيد الفطر جو ڏينهن ڇڏي سڄي مهيني ۾ جڏهن چاهيو عيد جا ڇهه روزا رکي سگهو ٿا۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                              صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته

٭      ايمان تي استقامت ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ هڪ مسلمان جي لاءِ نهايت

 ضروري آهي۔

٭        ايمان کسجڻ جي خوف سبب بزرگانِ دِين گھڻو روئيندا هئا۔

٭        جيڪي ماڻهو پنهنجي ايمان جي حفاظت نٿا ڪن،آٓخرت ۾ اهي سزا جا حقدار ٿيندا۔

٭        ايمان ضائع ڪرڻ ۾ گانن باجن ۽ فلمن ڊرامن جي نحوست به شامل آهي۔

٭        ايمان جي حفاظت جي لاءِ فرض سان گڏوگڏ سُنّتن تي به عمل ڪرڻ گھرجي۔

٭        جن بد نصيب ماڻهن جو خاتمو ڪفر تي ٿيندو اهي قبر ۽ آخرت ۾ عذابن جا مستحق ٿيندا۔

٭        ايمان ضايع ٿيڻ جو سبب مال و دولت جي حرص (Greed) ۽ ڊگھيون اميدون رکڻ به آهي۔

اللہ  پاڪ اسان جو ايمان سلامت رکي ۽ پنهنجي دائمي رضا سان مالا مال فرمائي ۽ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سچو عشق عطا فرمائي۔ اللہ  پاڪ