Iman Ki Hifazt

Book Name:Iman Ki Hifazt

اَللّٰهُمَّ اَجِرۡنِيۡ مِنَ النَّارo

اي اللہ  مون کي (جهنّم جي) باھ کان نجات عطا فرما

يامُجِيۡرُ يامُجِيۡرُ يامُجِيۡرُo

اي نجات ڏيڻ وارا، اي نجات ڏيڻ وارا، اي نجات ڏيڻ وارا

بِرَحۡمَتِكَ يآ اَرۡحَمَ الرّٰحِمِيۡنَo

پنهنجي رحمت جي سبب اسان تي رحم فرما، اي سڀ کان وڌيڪ رحم فرمائڻ وارا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! رمضانُ المبارڪ جو مهينو وڏي تيزي سان پنهنجي اختتام ڏانهن جاري وساري آهي، هاڻي ان جون ڪجھ گھڙيون بچيون آهن، ۽

 ان کان پوءِ شوّالُ المڪرم جي آمد آمد آهي ۔خوش نصيب مسلمان شوال جي مهيني ۾ ڇھ روزا رکڻ جي سعادت حاصل ڪندا ۽ ان جون برڪتون ماڻيندا آهن۔ اچو! اسان به شش عيد(شوال المڪرم) جا روزا رکڻ جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ انهن روزن جا فضائل ٻڌون ٿا ته جيئن اسان کي به اهي روزا رکڻ ۽ انهن جي برڪتن مان فيضياب ٿيڻ جي سعادت نصيب ٿئي، جيئن ته

هن باري ۾ ٽي (3) فرمانِ مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا ۔

1       جنهن رمضان جا روزا رکيا پوءِ ڇهه ڏينهن شوال ۾ رکيا ته گناهن کان ائين نڪري ويو جيئن اڄ ئي ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو آهي۔ (مجمع الزوائد،کتاب الصيام،باب فيمن صام …الخ،۳ /۴۲۵،حديث:۵۱۰۲)

2        جنهن رمضان جا روزا رکيا وري ان کان پوءِ ڇهه شوال ۾ رکيائين۔ ته ائين آهي جيئن دهر جا (يعني سڄي عمر جا) روزا رکيا “ (مسلِم،کتاب الصيام،باب استحباب صوم …الخ،ص۵۹۲،حديث:۲۷۵۸)

3        ”جنهن عيد الفطر کان پوءِ (شوال ۾) ڇهه روزا رکي ڇڏيا ته ان پوري