Iman Ki Hifazt

Book Name:Iman Ki Hifazt

حضرتِ جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام فرشتن کي واپسيءَ جو حڪم صادر فرمائيندا آهن۔ فرشتا عرض ڪندا آهن اي جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام اللہ  عَزَّ وَجَلَّ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي امت جي حاجتن جي باري ۾ ڇا ڪيو؟ حضرتِ جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام فرمائيندا آهن، اللہ  عَزَّوَجَلَّ انهن ماڻهن تي خصوصي ڪرم جي نظر فرمائي ۽ چئن قسمن جي ماڻهن کان سواءِ سڀني ماڻهن کي معاف فرمائي ڇڏيو۔ صحابهءِ ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو،”يا رسول اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهي چئن قسمن جا ماڻهو ڪهڙا آهن؟ ارشاد فرمايائون (1) شراب جو عادي (2) ماءُ پيءُ جو نافرمان (3) قطعِ رِحمي ڪرڻ

وارا۔ (يعني رشتيدارن کان تعلقات ٽوڙڻ وارا) ۽ (4)  پاڻ ۾ بغض ۽ ڪِينو رکڻ وارا ۔“ ( شعَبُ الْايمان ، ۳/۳۳۶، حديث:۳۶۹۵)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته شراب نوشي ڪرڻ وارا، والدين جي نافرماني ڪرڻ وارا، رشتيدارن سان قطع تعلقي ڪرڻ وارا ۽ پاڻ ۾ بغض ۽ ڪينو رکڻ وارا شبِ قدر جي برڪتن سان محروم رهندا آهن۔ غور ڪريو ته بيان ڪيل بُرائين مان ڪا برائي اسان ۾ ته موجود ناهي، ڇا اسان پنهنجي والدين جي دل ته نٿا ڏکايون؟، يا ڪنهن رشتيدار مثال طور ڀاءُ، ڀيڻ،چاچي، ماسڙ، مامي وغيره سان بلا وجه شرعي اڻبڻت ته ناهي؟ ڇا اسان جي سيني ۾ ڪنهن مسلمان جي لاءِ بغض ۽ ڪينو ته ناهي ڀريل؟ خدانخواسته جيڪڏهن ڪو هنن گُناهن ۾ گرفتار آهي ته ساھ بعد ۾ کڻي پهريان هنن گناهن کان پڪي توبه ڪري ۽ جنهن جنهن جا حق ضايع ڪيا آهن انهن کان معافي گھرڻ جي نِيت به ڪري، نه ته ياد رکو! هنن گناهن جو انجام ڏاڍو ڀيانڪ ٿيندو آهي۔ ياد رکو! ”شراب نوشي“دِين ۽ ايمان، جان ۽ مال ۽ صحت جي لاءِ نهايت خطرناڪ آهي، شراب تمام بُرائين جي جڙ آهي ڇوته شراب جي نشي ۾ انسان بدنگاهي، بدڪاري ۽ مختلف گناهن ۾ مُلوِّث ٿي پنهنجي دنيا ۽ آخرت برباد ڪندو آهي.