Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

1.         ضعفاء الرجال، عبدالرحمن بن سعد،۵/۵۰۹)

2.           ارشاد فرمايائون: منهنجي امّت ۾ ٽي شيون لازمي رهنديون: بدفالي، حَسَد ۽ بَدگماني۔ هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ

وَسَلَّم! جنهن شخص ۾ اهي ٽي خصلتون هجن، اهو انهن جو ڪهڙي نموني علاج ڪري ؟ ارشاد فرمايائون: جڏهن توهان حسد ڪيو ته الله عَزَّوَجَلَّ کان اِستِغفار ڪريو ۽ جڏهن توهان بدگماني ڪيو ته ان تي ڄميل نه رهو ۽ جڏهن اوهان بدفالي ڪڍو ته ان ڪم کي ڪري ڇڏيو۔ (معجم ڪبير، ۳/ ۲۲۸، حديث : ۳۲۲۷)

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مُعاملي ۾ اسان جي بزرگن سڳورن جو طريقو، عمل ڪرڻ وٽان آهي ڇوته اهي حضرات ڪنهن مخصوص شخص، هنڌ، وقت يا شيءَ کي پاڻ لاء منحوس خيال ڪري بدشگوني وٺڻ يا ستارن جي زائچن تي يقين رکي وهمي ماڻهن وانگر ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا رهڻ بدران رَبّ عَزَّوَجَلَّ جي ذات تي ڪامل يقين رکندا هئا ۽ جنهن ڪم جو ارادو ڪندا هئا ان کي پورو ڪندا هئا، اچو! هن باري ۾ 2 سبق ڏيندڙ حڪايتو ملاحظه ڪريو،

سفر تان نه رُڪيا

اميرالمؤمنين مولا مشڪل ڪشا حضرت سيِّدُنا عليُّ المرتضيٰ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جڏهن خارجين سان جنگ لاءِ سفر جو ارادو ڪيو ته هڪ نجومي (Fortune-Teller) رڪاوٽ بڻجي چوڻ لڳو: اي اميرالمؤمنين اوهان نه وڃو، حضرت سيِّدُنا عليُّ المرتضيٰ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جن سبب پڇيو ته ان چيو: هن وقت چنڊ عَقرَب (آسمان جي برجن مان هڪ بُرج) ۾ آهي جيڪڏهن اوهان هن وقت ويا ته اوهان کي شڪست ٿيندي، اهو ٻڌي حضرت سيِّدُنا عليُّ المرتضيٰكَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جواب ڏنو: نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم، حضرت صديق ۽ عمر رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا نجومين تي اعتقاد نه رکندا هئا، مان الله عَزَّوَجَلَّ تي توڪّل رکندي ۽ تنهنجي ڳالھ کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ لاءِ لازمي سفر ڪندس۔ پوءِ پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ انهيءَ جهاد جي